راولپنڊي (م ڊ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه لائن آف ڪنٽرول(ايل او سي) جو دورو ڪيو ۽ جوانن جي آپريشنل تيارين تي اطمينان جو اطهار ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه نوسيري سيڪٽر تي مورچن جو دورو ڪيو ۽ اتي مقرر فوجي جوانن سان ملاقات ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف ڪنٽرول لائين تي مقرر آفيسرن ۽ فوجي جوانن جي آپريشنل تيارين تي اطمينان جو اظهار ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف کي ڪنٽرول لائين جي موجوده صورتحال ۽ آپريشنل تيارين تي به بريفنگ ڏني وئي.
