اوٻاوڙو ۾ گئس سهولت نه هجڻ خلاف رهواسين جو احتجاجي مظاهرو،ڌرڻو

اوٻاوڙو(ن س)اوٻاوڙو جي تاريخي شهر ريتي ۽ ڀرپاسي ۾ وڏي آبادي رکندڙ ڳوٺن کي ٻه ڀيرا سروي ڪرائڻ باوجود گئس نه ملي سگهيو، جنهن تي ريتي يوٿ فورم جي نوجوانن سوشل ورڪر ٽيم ۽ شھر واسين  شهر ۾ ريلي ڪڍي احتجاج مظاهرو ڪيو ۽ ريتي جي مين چوڪ تي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا ۽ نعريبازي ڪئي وئي، ريلي جي اڳواڻي ريتي يوٿ فورم جو صدر يونس سومرو، اسلم چاچڙ، نريش ڪمار ۽ ريتي واسي غوث بخش جت ڪري رهيا هئا، اڳواڻن ۽ مظاهرين جو چوڻ آهي ته ويھ هزار آبادي رکندڙ ريتي شھر کان چار ڪلوميٽر تي نجي گئس ڪمپني ڪنٽرول سسٽم هيڊ ۽ لڳ ڀڳ ڏھ کوھ موجود آهن پر ريتي شھر جا رھواسي ڪاٺيون ۽ ڇيڻن سان باھ ٻاري پنھنجو گذر سفر ڪندا آهن مظاهرين جو وڌيڪ چوڻ هو ته ريتي شھر ھر ان بنيادي سھولت کان محروم بڻيل آھي جنھن ۾ گئس، سيوريج سسٽم توڙي ٻن سھولتن کان وانجھيل آهي، هنن جو چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم جي خلاف ورزي ڪندي گئس ڪمپني علائقي جي صحت، تعليم، ۽ ڀلائي جي ڪمن تي خرچ ڪرڻ بدران سفارشي ماڻهن تي خرچ ڪري رهي آهي جڏهن ته علائقي ۾ تعليم ۽ صحت جا ادارا ڪمزور ۽ ناڪاره بڻيل آهن انهن تي خرچ ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي، هنن چونڊيل نمائندن ضلعي انتظاميا توڙي وس وارن کان اپيل ڪيون ٿا ته ريتي شھر کي گئس فراهم ڪري بيچيني ختم ڪئي وڃي، هنن چيو ته هاڻي اسان جو سڏ ڊي سي گهوٽڪي جي آفيس اڳيا احتجاج جو هوندو، هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ايندڙ اليڪشن کان پهريان ريتي ۽ ڀرپاسي جي وڏن ڳوٺن کي گئس نه ڏنو ويو ته اسين اليڪشن جو بائڪاٽ ڪندا سين.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں