بيڊ گورننس يا ٻٽا فرسوده نظام

رياض ابڙو
بلدياتي ادارا، صوبائي نمائندا يا وفاقي وزير (ايم پي اي يا ايم اين اي) جيڪڏهن سڀ جا سڀ رڳو عوام جي خدمت ۾ پيش پيش آهن ۽ اهي سڀ جا سڀ عوامي نمائندا پڻ آهن ۽ ساڳي تڪ مان اهي ئي وفاقي نمائندا به اتان ووٽ ٿا وٺن جتان صوبائي ۽ بلديات جا نمائندا ووٽ ٿا وٺن ته پوءِ انهن ئي نمائندن کي پنهنجي تڪ جي سنڀال لهڻ گهرجي ۽ اصولي طور اهي عوام کي ڪنهن به ڏکي گهڙيءَ ۾ اڪيلو نه ڇڏن، پر عملن اها شيءِ ڏٺي ناهي وئي، ۽ اها ڳالھ سمجھ ۾ به نه ٿي اچي ته اهي سڀ سسٽم صحيح ۽ درست سمت هلن ٿا ته پوءِ عوامي خدمت ڪٿي آ يا اهي ڪهڙو عوامي ڪم ٿا ڪن، پر اهي سڀ جا سڀ رڳو پنهنجون نوڪريون (سرڪاري سمجهي) بچايون ٿا اچن، ان ڪري ته انهن کي پنجن سالن جو عرصو (لڳ ڀڳ) يا اها سرڪاري نوڪري (ايم پي اي، ايم اين اي يا سکڻي وزارت) انهن کي پنهنجن ادارن جي ڪرپشن مان ايترو ڪمائي ٿي ڏئي جو هڪ ايماندار آفيسر سڄي عمر نه ڪمائي سگهي يا اهو ايماندار سرڪاري يا خانگي ملازم پنهنجي ان سُڪي پُڪي پگهار مان پنهنجو گهر ۽ گاڏي به نه وٺي سگهي يا ٻارن کي اعلي تعليم به نه ڏياري سگهي، يا هڪ ٻيو فسلفو اهو به آهي ته جيڪي ڌريون حڪومت ۾ هجن ٿيون ته اهي سرڪاري نمائندا عوام جي خدمت ڪندا رهن ٿا يا جيڪي هارائي ٿا وڃن يا جيڪي کٽي به حڪومت ۾ نه ٿا اچي سگهن ۽ اهي مخالف ڌر ۾ هجن ٿا (ڀلي فرضي طور تي) ته انهن تي اهو فرض آهي ته اهي عام ماڻهن کي ڪرپٽ حڪومت کان انصاف ڏياريندا رهن يا عام ماڻهن جون ضرورتون پوريون ڪندا رهن ۽ عام ماڻهن جي مڙني بنيادي حقن جي لاءِ پاڻ پتوڙيندا رهن ته ڳالھ سمجھ ۾ به اچي، پر ائين ناهي ۽ ڪڏهن به ناهي ڏٺو ويو ته پوءِ ووٽ ڏيڻ ۽ نه ڏيڻ ته برابر ٿيا يا جيڪي کٽيل نمائندا هجن يا جيڪي قسمت سان سرڪاري ڪرسين تي ويهي ٿا رهن ته پوءِ سواءِ چمچن جي ڪنهن به عام ماڻهوءَ جي پهنچ ممڪن نه ٿي هجي ان ڪري اسان جهڙن ملڪن ۾ ”پاور ڊسٽينس“ ڏاڍو آ مثال ساڳو ئي ماڻهو جڏهن ووٽ وٺڻ ٿو اچي ته محفوظ آ ۽ عام ماڻهن سان ملي جلي ٿو ۽ ڪنهن سان عذرخواهي ته ڪنهن جي گهر به لڙي وڃي ٿو پر جڏهن ڪرسيءَ تي ويهي ٿو ته پوءِ مهانگو آ يا پوءِ مجال آ ڪنهن جي جو اهو غريب ماڻهو ان وزير ڪبير يا امراءَ ۽ شرفاءَ سان ڪو ملي سگهي، ساڳي ڳالھ بيوروڪريٽ ۽ ٽيڪنوڪريٽ تي اپلاءِ ڪري سگهجي ٿي ته اهي به عام ماڻهن سان هٿ ملائڻ پسند ناهن ڪندا ته پوءِ اهڙن امرائن ۽ شرفائن مان ڪهڙي اميد ڪجي، ان ڪري اهڙي سسٽم ۾ رڳو غريب پيڙهبو ۽ امير تڳندو رهندو يا هڪ ٻي فنامانا آهي ته جيڪو وفاقي نمائندو (ايم اين اي) هجي ٿو ته اهو وفاق ۾ ويهي صوبن جي لاءِ ڪهڙا ڦاڙها ٿو ماري يا جيڪو صوبائي نمائندو ايم پي اي يا غلطي سان وزير به هجي ٿو ته اهو صوبائي سرڪار ۾ ويهي وري هيٺين طبقي جي ماڻهن جي لاءِ ڪهڙا فائدي جا ڪم ٿو ڪري يا ڪهڙا فائدا ٿو پڄائي، يا بلديات ۾ ويهي اهي چونڊيل نمائندا رڳو سرڪار پگهارون ٿا کڻن يا انهن جو ڪم رڳو ڀنگين کي ڪنٽرول ڪرڻ آ ته پوءِ اهو سرڪاري ادارو يا ملازم ئي هجڻ گهرجي پوءِ انهن جي لاءِ اليڪشن جو خرچ جيڪو گهڻي ڀاڱي 42 ارب ٿئي ٿو سو ڇو ڪجي يا ان خرچ ڪرڻ جو ڪهڙو لاچار ۽ فائدو آ، ان ڪري ته اهي ادارا جڏهن عارضي طور تي ڊي سي يا هيٺين سطح تي ٻيا سرڪاري عملدار به ڪنٽرول ڪري سگهن ٿا ته پوءِ چونڊون ڇو؟ يا حڪومت ۽ مخالف ڌر وارا اهڙن ووٽن جي ذريعي اهي بلديات جون نوڪريون پنهنجن جي لاءِ پڪيون ٿا ڪن؟ يا ساڳي ڳالھ اها به آهي ته جڏهن پوليس، تعليم ۽ صحت وغيره به سرڪاري عملدارن کان وٺي سيڪريٽري تائين ڪنٽرول ٿين ٿيون يا آبپاشي جو کاتو يا اهڙا ٻيا کاتا به، يا جڏهن اهي کاتا سرڪاري عملدارن جي ذريعي هلائي سگهجن ٿا ته پوءِ بلديات به هلائجي ان تي چونڊن جو خرچ ڇو؟ جي نه ته پوءِ عوامي خدمت مان مراد ڇاهي؟ يا جڏهن بلديات جون چونڊون سالن جا سال نه ٿيون ٿين ته پوءِ ان سان ناڻي تي ڪهڙو بار ٿو پوي يا ڪهڙي امپورٽ ۽ ايڪسپورٽ گهٽجي يا وڌي ٿي، يا ملڪي نظام درهم برهم ٿي ٿا وڃن يا جڏهن به عوام جي مٿان ٻوڏ جي صورت يا زلزلي جي صورت ڪا مصيبت اچي ڪڙڪي ٿي ته اهي نمائندا انهن غريب ۽ لاچار ماڻهن کي ڪنهن جي بِلي ۽ آسري ڇڏي ٿا ڏين يا اهي ڏتڙيل ماڻهو پوءِ وفاقي نمائندن ڏي وڃن يا اهي صوبائي سرڪار ڏي وڃن يا ڊي سي جي حوالي هجن يا اهي بلدياتي نمائندن جي گهرن ڏي جتيون گسائن يا هي بلدياتي نظام به ميڊيڪل ڊاڪٽرن وانگي آ ته جيئن ڊاڪٽرن کي ماڻهن تي ڳڻي ڳڻي رکندا آهن يا آبادي جر ورڇ تي رکندا ويندا آهن ته ڪٿي ڪيترا ماڻهو بيمار آهن يا ٿين ٿا يا ڪٿي ڪيترا بيمارين سٽيل آهن، جي اهو سڀ ڪجھ نه ٿا ڪن يا نظام ڪنهن ڪم جا ناهن ته پوءِ رياست نظامن جا نوان نوان تجربا ڇو ٿي ڪري؟ يا آخر انهن غريب ماڻهن جي دردن جو درمان ڪنهن وٽ آ، يا ڪهڙو نظام ”بيسٽ فٽ“ آ جنهن ۾ عوام سکيو رهي سگهي يا جنهن نظام ۾ ڪا ڦيرڦار يا ڏڦيڙ نه هجي، يا جيڪو نظام ڪرپٽ نه هجي، جيڪو نظام ”بهتي گنگا“ نه هجي يا جنهن ۾ نظم ۽ ضبط مضبوط هجن يا جنهن ۾ غريب جي ڪمائيءَ ۽ بي سبب ٽيڪس تي اُمراءُ ۽ شُرفاءُ عياشي نه ڪري سگهن، جي اهو سڀ ممڪن ناهي ته سسٽم به ڪنهن ڪم جا ناهن ۽ وقت جو زبردست زيان آ، جنهن ۾ غريب ڏينهون ڏينهن غريب آ ۽ امير ڏينهون ڏينهن امير آ، ۽ اهڙن سسٽمن ئي گهوريا جنهن ۾ غريب جي زندگي جهنم بڻجي يا انهن سڀني سسٽمن هجڻ جي باوجود به اهي غريب ۽ ستايل ماڻهو جيڪڏهن انهن وڏيرڪي نما ڊي سي وٽ به ذليل ٿيڻا آهن يا اهي بلدياتي نمائندن وٽ به خوار ٿيڻا آهن يا اهي غريب ماڻهو صوبائي سرڪار وٽ به ڏٺا ٿيڻا آهن ته پوءِ سڀ سسٽم فيل آهن، اهو ائين آهي ته سڄو سال ڪنهن بندوق کي ويٺو صاف ڪجي ۽ جڏهن فاير ڪرڻ جي مهل اچي ته اها بندوق نه هلي ۽ ماڻهو لٽجي ڦرجي وڃي، جيڪڏهن سڀ سسٽم ڪنهن ڏکي مهل ڪم نه ٿا اچن ته پوءِ ڪهڙي ڪم جا يا پوءِ سڀ طرح جون چونڊون به ڪنهن ڪم جون ناهن پوءِ سڀ طرح جون اليڪشن به ڍَڪيون ڀليون آهن، پوءِ اهڙو بيڪار سسٽم نه کپي، جنهن ۾ اهي ئي سرڪاري يا نيم سرڪاري ادارا به ماڻهن جو راشن لڪائي ڇڏن، يا ماڻهن جي لاءِ مليل ٽينٽ بازارن ۾ وڪڻي ڇڏن، اهي ئي نمائندا وري ماڻهن جي دوا درمل جي لاءِ ڪا مالڪي نه ڪن، نه ڪا ميڊيڪل ڪيمپ هڻائن يا ڪنهن روزگار ۽ کاڌي پيتي جو خيال نه ڪن يا ڪڏهن ڪڻڪ جون ٻوريون گدامن مان چورائي لڪائي کپائي ڇڏن، يا ڪڻڪ جي ٻورين ۾ واري ۽ مٽي ڀري رکن يا قومي خزانا ۽ عوامي بجيٽ مان پنهنجا شاهي خرچ پورا ڪن يا اهي عوامي پئيسا عياشيءَ ۾ اڏائي ڇڏن يا اٽو مهانگو ڪري مارڪيٽن ۾ کپائن يا بليڪ تي وڪرو ڪرائن يا ڊي سي يا بلديات، يا وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن ۾ اهو دم نه هجي ته اهي “اگهوتري“ يا پرائيس ڪنٽرول آڻي سگهن يا غريبن جي لاءِ هڪڙو سسٽم ٿا رکن يا اميرن جي لاءِ ٻيو سسٽم ٿا هلائن ته پوءِ اهڙا سسٽم نه کپن ۽ اهڙن نظامن کان بس ڀلي آ يا هڪ عام سمجھ آ به آهي ته عوامي خدمت رڳو ان ڳالھ ۾ لڪيل آهي ته ماڻهن تائين سستو انصاف پڄايو، امن مان بحال ڪرايو، ماڻهن جي زندگي جو تحفظ ممڪن ڪيو، رزوگار، صنعتون، فيڪٽريون هڻو، شين جي اگهن تي ضابطو آڻيو ۽ جي اها ئي اصل خدمت آ ته پوءِ ان ۾ جيڪي سرڪاري سسٽم موجود آهن جن ۾ صنعت جي وزارت، گهرو وزارت، تعليم جي وزارت، بلديات جي وزارت يا ڪي ٻيون ۽ جيڪي اصل ۾ خدمت ڪري به سگهن ٿيون ته ان ۾ چونڊون ڇو؟ يا جڏهن بغير چونڊن جي اهي سڀ بلديات جا ڪارخانا هلي سگهن ٿا ته پوءِ وزارت ئي هلائي سگهي ٿي ان ۾ رڳو ضبط جي ضرورت آ نه ڪي ڪو ادارن جي مٿان ادارا ۽ چورن جي مٿان مور ۽ انهن ئي ادارن کي فعال بڻائي ڪم ڪري سگهجي ٿو جنهن ۾ عام ماڻهو جي زندگي بهتر ڪري سگهجي ٿي جنهن ۾ عام ماڻهو جي لاءِ هر شيءِ انهن جي چائنٺ تي آڻي سگهجي ٿي ته پوءِ نظام ڇو؟ يا ڪراچي جهڙي شهر يا حيدرآباد ۽ سکر لاڙڪاڻي ۾ ٽرانسپورٽ جي ذريعي ڪنهن حد تائين بهتري آڻي سگهجي ٿي ته پوءِ ان جي لاءِ نظامن جي ڪهڙي اوڻاٺ يا اشد ضرورت آ پر رڳو شيون ممڪن ڪجن ساڳي طرح جي ايمانداري سان ترقياتي ڪم ڪجن جيئن ڪراچيءَ يا صوبي جي ٻين شهرن ۾ هلن ٿا ته هلائجن ۽ ائين ئي هر ادارو زبردست هلائي سگهجي ٿو پوءِ رڳو نظام بهتر ڪجن نه ڪي ڪو نظامن جون هر هر چونڊون ڪرائجن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں