خليل احمد ڀٽي
سنڌ ۾ ٿيل تازي برساتن جي ڪري پوري سنڌ ۾ تباھي جا منظر نمايان نظر اچي رھيا ھئا جتي غريب عوام ۽ سندن معصوم ٻارڙا روڊن ۽ رستن تي دربدر ٿيندي نظر آيا، ھن مشڪل گھڙي ۾ ڪير ڪنھن جو يار و مددگار نه ھو ھر ماڻھو پنھنجي جان بچائڻ ۾ پورو ھو، پر سنڌ ۾ ڪجھ اھڙا انيڪ مرد به موجود ھئا جن نه فقط سرڪار جي پاران به عوام جي مدد ڪئي پر انھن پنھنجي ھڙا توڙي وڙان به مسڪين ماروئڙن جي خدمت ڪري رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو، اھڙن سخي ۽ نيڪ مردن ۾ ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد جناب محمد يوسف شيخ صاحب جن به ھڪ آھن. محمد يوسف شيخ جن جيڪي جيڪب آباد ضلعي ۾ ڊپٽي ڪمشنر جا فرض انجام ڏيئي رھيا آھن انھن تازي ٿيل برساتن ۾ نه فقط سرڪاري طرح عوام جي مدد ڪئي پر ھن پنھنجي کيسي مان به دل کولي غريب عوام جي خدمت ڪئي، محمد يوسف شيخ صاحب جن غريب عوام لاءِ سرڪاري ٽينٽ، سان گڏوگڏ راشن جا ڪٽا، ڪنبل، معذور ماڻھن لاءِ ويل چيئر پڻ مھيا ڪيون ۽ جڏھن سرڪاري امداد ختم ٿي ويئي ته محمد يوسف شيخ صاحب جن پنھنجي کيسي مان به دل کولي غريب ۽ مستحق ماڻھن تائين راشن ۽ ٻيو سامان پھچائڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪئي. ضلعي جيڪب آباد ۾ تازي ٿيل برساتن کان پوءِ سوين بيمارين پڻ منھن ڪڍيو جنھن جي روڪ ٿام لاءِ ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد جناب محمد يوسف شيخ صاحب جن مختلف علائقن ۾ ميڊيڪل ڪئمپس لڳائي نه فقط ماڻھن جو مفت علاج ڪرايو پر انھن ماڻھن کي بيماري کان بچڻ لاءِ ھر سھولت پڻ مھيا ڪئي. ان کان علاوه ھن وقت به َضلعي جيڪب آباد جي ٽنھي تعلقن جن ۾ ڳڙھي خيرو، ٺل ۽ جيڪب آباد پڻ شامل آھن انھن تعلقن ۾ مليريا کان بچاءَ لاءِ اسپري ڪرڻ جا حڪم پڻ صادر فرمايا جنھن جي نتيجي ۾ اڄ پوري ضلعي جيڪب آباد ۾ بيمارين ۾ ڪافي حد تائين گھٽتائي اچي چڪي آھي. پوري ضلعي جيڪب آباد ۾ سروي جو ڪم تمام وڏي ايمانداري سان جاري آھن جن ماڻھن جا گھر ڊھي پيا آھن انھن کي گھر ٺاھي ڏيڻ جو ڪم زور ۽ شور سان جاري آھي. ان کان علاوه جن ماڻھن جي گھرن ۾ برسات دوران فوتگيون آھن انھن ماڻھن کي 10 لک روپين تائين سرڪاري امداد جو ڪم به شروع ڪيو ويو آھي. ضلعي جيڪب آباد ۾ ڪافي حد تائين رشوت جي بازار کي ختم ڪرايو ويو آھي ڇاڪاڻ ته اڳ ۾ ضلعي جيڪب آباد ۾ ھر ڪم پئسن عيوض ٿيندو ھو ھر سرڪاري دفتر ۾ راشي ماڻھو وات کوليون بيٺا ھوندا ھئا پر ھن وقت اھڙي ڪڌي ڪم تي ڪڙي نظر رکي پيئي وڃي ۽ گھڻي وقت کان پوءِ ھتان جي عوام بھتري محسوس ڪئي آھي. سنڌ جي ٻين ضلعن کان وڌيڪ ضلعو جيڪب آباد تمام پوئتي پيل آھي ھتان جا ماڻھو رھڪي پوکي سان گڏوگڏ سرڪاري نوڪرين ۽ محنت مزدوري تي گذر سفر ڪندا آھن پر ھن ضلعي تي بين الاصوبائي دھشتگردن ۽ ڏوھاري ماڻھن جو راڄ قائم ھوندو ھو پر محمد يوسف شيخ جڏھن کان جيڪب آباد ضلعي ۾ ڊپٽي ڪمشنر جي چارج سنڀالي آھي تڏھن کان جيڪب آباد شھر جي صورتحال تبديل ٿي چڪي آھي ھتان جي عوام مس مس وڃي سک جو ساھ کنيو آھي. محمد يوسف شيخ صاحب جن کي جڏھن کان ضلعي جيڪب آباد جي چارج سنڀالي آھي ته ھن اچڻ شرط ايس ايس پي جيڪب آباد سان گڏجي ضلعي جيڪب آباد جي صورتحال تي غور ڪرڻ کان پوءِ وڏي محنت ۽ جدوجھد سان امن امن جي صورتحال بحال ڪرائي آھي. ضلعي جيڪب آباد ۽ سندن لاڳاپيل تعلقن ۾ ترقياتي ڪم جن ۾ گھٽين اندر ٽرف ٽائيل سان گڌ گھٽين اندر بلاڪ لڳائڻ جو ڪم به ٿي رھيو آھي ان کان علاوه شھرن جي بازارن ۾ به ٽرف ٽائيل لڳائي شھر ۾ بازارن کي خوبصورت ڪرڻ جو ڪم جاري آھي. ڊپٽي ڪمشنر جهيڪب آباد جناب محمد يوسف شيخ جھڙا عظيم انسان ورلي جنم وٺندا آھن ڇاڪاڻ ته ھو پنھنجي ذاتي انا کي ھڪ پاسي رکي غريب عوام جي منجهيل مسئلن تي وڌيڪ توجھ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آھي، سو ھن وقت جيڪب آباد ضلعي ۾ عوامي مسئلن تي وڌيڪ توجھ ڏني پيئي وڃي. ضلعي جيڪب آباد ۾ ڊپٽي ڪمشنر جناب محمد يوسف شيخ صاحب جن سياسي ۽ سماجي ورڪرن کي ساڻ ڪري جيڪب آباد ضلعي جي ترقي ۽ واڌ ويجھ لاءِ ڏينھن رات ھڪ ڪري ڪوششون وٺي رھيا آھن ته جيئن ضلعي جيڪب آباد ۾ امن امان جي صورتحال سان گڏ ھتان جي تعمير ۽ ترقي لاءِ ڪجھ ڪري سگھجي سو ان لاءِ اسين به ھمٿ افزائي ڪندي سندن ڪيل ڪمن کي ايپريشيئيٽ ڪريون ٿا ۽ اميد ڪريون ٿا ته ڊپٽي ڪمشنر جناب محمد يوسف شيخ صاحب جن پوري ضلعي جيڪب آباد جي ترقي لاءِ وڌ کان وڌ ڪوششون وٺي عوام جا مسئلا حل ڪندا ۽ پوري ضلعي جيڪب آباد جي ترقي لاءِ ڏينھن رات محنت ڪري شھر کي خوبصورت بنائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندا.
khalilbhattithul@gmai.com
