رياض (ويب ڊيسڪ) فيفا ورلڊ ڪپ ڏسڻ لاءِ قطر ويندڙ مسلمان شوقينن لاءِ خوشخبري آهي ته حيا ڪارڊ رکندڙ ماڻهو ٽورنامينٽ ڏسڻ سان گڏوگڏ عمري جي سعادت به حاصل ڪري سگهندا. سعودي گزٽ موجب قطر جي پرڏيهي وزارت جي ويزا ڊپارٽمينٽ طرفان چيو ويو آهي ته فيفا ورلڊ ڪپ ڏسڻ لاءِ ايندڙ مسلمان شوقينن کي عمري جي ادائيگي جي سهولت هوندي. انتظاميا جو چوڻ آهي ته حيا ڪارڊ رکندڙ ماڻهن لاءِ عمري جي ويزا مفت هوندي، اي ويزا جا سمورا خرچ رياست برداشت ڪندي پر شوقينن لاءِ ميڊيڪل انشورنس حاصل ڪرڻ لازمي هوندي. پرڏيهي ميڊيا موجب ويزا جي اها سهولت 11 نومبر کان 18 ڊسمبر تائين هوندي، جنهن جو مطلب آهي ته ٽڪيٽ حاصل ڪندڙ ورلڊ ڪپ شروع ٿيڻ کان 10 ڏينهن اڳ کان ٽورنامينٽ جي آخري ڏينهن تائين گهمي سگهندا. ويزا هولڊرز تي ڪنهن به قسم جي پابندي نه هوندي، اهي جڏهن چاهين ملڪ داخل ٿي سگهن ٿا ۽ جڏهن چاهين واپس وڃي سگهن ٿا.
