ٺٽو ( پ ر ) ٻوڏ متاثرن جي واهر ۽ پاڻي جا قدرتي لنگھ بحال ڪريو ڪانفرنس ۽ عوامي تحريڪ ضلعي ٺٽي جي اليڪشن پريس ڪلب ٺٽي ۾ ٿي. ڪانفرنس کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ عبدالقادر رانٽو، نوراحمد ڪاتيار، صحافي اقبال جاکرو، عوامي تحريڪ ضلعي ٺٽي جي صدر مٺا خان لاشاري، گهنور خان زنور، شاعر آڪاش عباسي،سنڌي ادبي شاخ ٺٽي جي سيڪريٽري فقير اڪرم، عبدالرزاق چانڊيو، انور پالاري، رياض عباسي، مجاهد بلوچ، بلاول لاشاري ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي ٻه ڪروڙ ماڻهن کي هٿ وٺي ٻوڙيو ويو آهي، ٻوڏ متاثر دربدر آهن افسوس جهڙي ڳالھ آهي ته 19ٻوڏ متاثرن کي نوري آباد ڀرسان بس ۾ بي دردي سان ساڙي ماريو ويو آهي، پر ڪنهن به ذميوار خلاف ڪو به قانوني قدم نه کنيو ويو آهي. سنڌ جي ماڻهن سان دشمني وارو رويو رکيو ويو آهي. 75 سالن کان سنڌ جي عوام کي ماريو، ڦريو ۽ لٽيو پيو وڃي. ملڪ جي حڪمرانن جو اهڙو سنڌ دشمن رويو سنڌ جو عوام ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندو. ڪانفرنس ۾ مطالبا ڪيا ويا ته رياستي ادارا سنڌي ماڻهن سان دشمني وارو رويو بند ڪن. ٻه ڪروڙ سنڌ جي ماڻهن کي هٿ وٺي ٻوڙيندڙن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري سخت سزائون ڏنيون وڃن. پاڻي جي فطري لنگهن تي حڪومتي ڌر جي وزيرن، مشيرن ۽ ڀوتارن جي ڪيل قبضن کي خالي ڪرائي مٿن قبضن جا ڪيس داخل ڪيا وڃن. نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي موجوده انتظاميه کي فوري طور تي هٽائي اٿارٽي جو سربراه سائنس جي پروفيسر کي مقرر ڪيو وڃي. صوبائي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي سربراه کي به فورن هٽائي ججن سول سوسائٽي، صحافين تي مشتمل اٿارٽي جوڙي وڃي. ٻوڏ ۾ فوت ٿيل في فرد جي خاندان کي هڪ هڪ ڪروڙ، زخمي کي ٽيھ لک ۽ ڊهي ويل گهر جا 50 لک روپيه ڏنا وڃن. ٻوڏ متاثرن لاء ڪراچي ۾ 10 هزار ايڪڙ زمين الاٽ ڪئي وڃي. بس ۾ سڙي فوت ٿيل ماڻهن جو ڪيس اين ڊي ايم اي، پي ڊي ايم اي، ڪمشنر ڪراچي، ٽرانسپورٽ اينڊ ماس ٽرانزٽ ڊپارٽمينٽ جي وزير، لاڳاپيل ڊي سي، اي سي، مختيارڪار تي ڪيس داخل ڪيو وڃي. تباهه ٿيل فصلن ۽ مري ويل مال جو هارين ۽ آبادگارن کي معاوضو ڏنو وڃي.
