ڪراچي(رپورٽ: نصرالله جمالي) سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي سنڌ ۾ٻوڏ متاثرن جي امداد ۽ بحالي لاءِ ڪراچي ۾ڌرتي ڌڻين جو سمنڊ اٿلي پيو . قومي ڪارڪنن پاران ڪهاڙي وارن جهنڊن سميت مختلف پارٽين جي جهنڊن جي ڇانو ۾ جيئي سنڌ ، جيئي سنڌ ، تو سنڌ ٻوڙائي زرداري ، تو سنڌ کپائي زرداري جي اڀ ڏاريندڙ نعرن جي گونجار ، اڳواڻن پاران وطن ۽ ديس ڌڻين جي واهر ۽ سهاتا جا وچن ورجائيندي سنڌ ۾آيل تاريخي ٻوڏ ۾بي گهر ٿيل لکين ٻوڏ متاثر خاندانن جي امداد ۽ بحالي سميت ٻوڏ وارن علائقن ۽ زرعي زمينن مان فوري طورتي پاڻي نيڪال ڪرڻ جي گهر، سپريم ڪورٽ آف پاڪستان، گڏيل قومن ۽ عالمي ادارن کان امداد ۾ڪرپشن جي جاچ ڪرڻ ، ٻوڏ جي ذميوارن کي سزائون ڏيارڻ سميت عالمي توڙي ڏيهي امداد ۽ بجيٽ جي منصفاڻي ورڇ لاءِ اٿارٽي قائم ڪرڻ جو مطالبو . مختلف ٺهراءَ پاس ڪيا ويا. سنڌجي جديد گادي واري شهر سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي سنڌ ۾ٻوڏ متاثرن جي امداد ۽ بحالي لاءِ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي ڪنوينر سيد جلال محمود شاه، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاهه، قومي عوامي تحريڪ جي صدر اياز لطيف پليجو، گريڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر صفدر عباسي، سنڌ ترقي پسند پارٽي جي وائس چيئرمين حيدر شاهاڻي، جيئي سنڌ قومي محاذ جي اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، جيئي سنڌ محاذ جي اڳواڻ نواز شاه ڀاڏائي، جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زنئور، سنڌ ساگر پارٽي جي صدر عبدالمومن ميمڻ ، جيئي سنڌ قومپرست پارٽي سنڌ جي مرڪزي اڳواڻ ڪامريڊ دودوديشي ، پورهيت مزاحمت جي چيئرمين مسرور شاه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڦوهارا چوڪ کان ريلي ڪڍي ڪراچي پريس ڪلب آڏو جلسو ڪيو ويو. جلسي ۾مختلف سياسي تنظيمن جي هزارين ڪارڪنن، عورتن ۽ ٻارڙن سميت اديبن، قانوندانن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن وڏي انگ ۾شرڪت ڪري ٻوڏ متاثرن سان ڀرپور ايڪتا جو اظهار ڪيو. جلسي ۾مختلف ٺهراءَ پاس ڪيا ويا. ٺهراءَ موجب سنڌ کي هٿ وٺي ٻوڙيو ويو آهي تنهن ڪري سپريم ڪورٽ آف پاڪستان پاڻ مرادو نوٽيس وٺي، هٿراڌو ٻوڏ جي ذميوارن جو تعين ڪري کين سزائون ڏنيون وڃن. شهرن ،ڳوٺن ۽ روڊن رستن تي بيٺل ٻوڏ جو پاڻي فوري طورتي نيڪال ڪرڻ جي لاءِ هنگامي بنيادن تي اپاءَ ورتا وڃن. ٻوڏ متاثرن کي صحت، تعليم سميت زندگي جون بنيادي سهولتون مهيا ڪري کين هنگامي بنيادن تي پنهنجي گهرن ۾ وسايو وڇي . ٻوڏ متاثر علائقن جي ٽيڪس ۽ زرعي قرض معاف ڪري کين ٻيهر فصلن جي پوکائي جي لاءِ بنا وياج قرض مهيا ڪيا وڃن. ايندڙ مون سون جي برساتن کان پهريان پاڻي جا قدرتي وهڪرا بحال ۽ حفاظتي بند مضبوط ڪيا وڃن ۽ پاڻي جي لنگهه تان قبضا ختم ڪرايا وڃن . ٻوڏ متاثرن جي بحالي وارن ڪمن جي نگراني جي لاءِ هڪ اڻ ڌري اٿارٽي جوڙي منصفاڻي طريقي سان امداد جي ورڇ ۽ بحالي جو ڪم يقيني بڻايو وڃي.گذريل 14 سالن کان سنڌ تي حڪمراني ڪندڙ ڌر کان 10 هزار ارب رپين جي ڪرپشن جو حساب ڪتاب ورتو وڃي. سنڌ ۽ پاڪستان جي بي رحم حڪمرانن جو عوامي احتساب ڪيو وڃي . عالمي دارا اڳتي اچن ۽ عالمي امداد جي پاڻ نگراني ڪري منصفاڻي ورڇ ڪئي وڃي. ان موقعي تي جلسي کي خطاب ڪندي سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي ڪنوينر سيد جلال محمود شاه چيو ته حڪمرانن سنڌ کي هٿ وٺي ٻوڙيو آهي.ڪروڙين ماڻهو رستن تي دربدر آهن.پيپلزپارٽي ۽ سنڌ حڪومت چاهي ٿي ته خوشحال سنڌ جا ماڻهو بدحال هجن انهن کي معاشي مستحڪم ڪرڻ بدران خيرات تي هلايو وڃي سنڌين کي فقير ڪنگال بنايو وڃي سنڌ ۾ تباهي جي ذميوار پ پ حڪومت آهي. نااهل ۽ ڪرپٽ حڪمران امڪاني برساتي ٻوڏ کان ۽ بند ٽٽڻ وارن خطرن کان بچاءُ لاءِ اڳواٽ ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪرڻ لاءِ ڪئمپون قائم ڪن ها، علاج، خوراڪ، صاف پاڻي جا بندوبست ڪن ها ته ماڻهن جون اربين روپين جو چوپايو مال ۽ گهرن جو اله تله لڙهي نه وڃي ها فوٽو سيشن بند ڪري متاثرين ماڻهن کي فوري طور تي نقصان جو معاوضو ڏنو وڃي، جن جا گهر تباه ٿيا آهن اهي گهر ٺهرائي ڏيڻ جو اعلان ڪيو وڃي. برسات ۽ ٻوڏ ۾ ٽٽل روڊ ٺاهيا وڃن، ڳوٺن مان هنگامي بنياد تي پاڻي ڪڍيو وڃي. قومي عوامي تحريڪ جي سربراه نامياري قانوندان اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ حڪومت پاڻي نيڪال ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي وئي آهي برساتي ٻوڏ جو پاڻي زمينن ۽ ڳوٺن ۾پاڻي ٻن مهينن کان بيهڻ ڪري زهريلو ٿي ويو آهي جنهن جي نتيجي ۾خطرناڪ بيمارين جنم ورتو آهي وڏي تعداد ۾ معصوم ٻار ۽ ماڻهو مري رهيا آهن، لکين ايڪڙن بيٺل فصل پاڻي هيٺ هجڻ ڪري تباه ٿي ويا آهن وقت سر ڪڻڪ جي پوکائي نه ٿيڻ ڪري ڏڪار واري صورتحال پيدا ٿي ويندي حڪومت ڪوڙا بل ٺاهي اربين رپين جي ڪرپشن ڪئي آهي هنن کي عوام سان ڪا به همدردي ۽ دلچسپي ناهي برسات ۽ ٻوڏ متاثرين لاءِ آيل امدادي سامان گدامن ۽ وزيرن، مشيرن، چونڊيل نمائندن جي اوطاقن تي لڪايو ويو آهي ٻاهرين ملڪن مان آيل امدادي سامان متاثرين کي ڏيڻ بدران دڪانن تي کپايو پيو وڃي. سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر زين شاه چيو ته پيپلز پارٽي حڪومت چاهي ٿي ته ٻوڏون ۽ قدرتي آفتون اينديون رهن جيئن متاثري جي مدد جي نالي ۾ اربين روپيا کائي چٽ ڪري ڇڏجن، برساتي ٻوڏ متاثرين جي بحالي جي نالي ۾ هاڻ به ائين ئي ڪيو ويندو. متاثرين بحال ٿيڻ بدران وڌيڪ بدحال ڪيا ويندا. انهن کي ناقص کاڌو پيئڻ جو پاڻي خراب ملي رهيو آهي علاج بدران معمولي دوا سان وڏي دعويٰ ڪئي پئي وڃي. ڊاڪٽر صفدر عباسي سنڌ ايڪشن ڪميٽي سان ايڪتا جي اظهار ڪندي چيو ته نااهل حڪمرانن سنڌ کي هٿ وٺي ٻوڙي ڇڏيو آهي ، پ پ پ ۽ شهيدن جي نالي تي ووٽ وٺي سنڌ کي لٽيو ۽ ڦريو پيو وڃي ، مون اڄ کان 15 سال پهريان چيو هو ته بي بي جي شهادت کانپوءِ هاڻ اها پارٽي ناهي رهي . محترمه جي شهادت جي نتيجي ۾ عوام ووٽ ڏنو هو ، پر انکانپوءِ 2013ع ۽ 18ع جي اليڪشن ۾ ڌانڌلي ڪري ۽ ووٽ خريد ڪيا ويا . ايندڙ عام چونڊن ۾سنڌ جو عوام پنهنجي حقيقي سنڌ دوست جماعتن کي ووٽ ڏئي موجوده نااهل حڪمرانن جو خاتمو آڻيندو . سنڌ ترقي پسند پارٽي جي وائيس حيدر شاهاڻي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ سورن ۾ سنڌ بي ۽ لاچار بڻيل شاهوڪار ڌرتيءَ جي ڌڻين جو ڪو والي نه ٿي سگهيو ووٽ حڪمرانن بڻجي ويا نااهل، جاهل، ڪرپٽ ۽ ظالم حڪمران اجلاس ۽ فوٽو سيشن ۾ مصروف آهن، هن وقت برسات ۽ ٻوڏ متاثرين لکين ماڻهون روڊن تي ويٺل آهن جن کي سنڌ حڪومت بي يارومددگار ڇڏي ڏنو آهي پنهنجو سڀ ڪجه وڃائي روڊن تي دربدر ٿيندڙ ٻوڏ متاثرين مليريا، گيسٽرو، چمڙي جي بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن ٻڏل سنڌ جي ماڻهن وٽ پيئڻ جو صاف پاڻي نه آهي راشن جي کوٽ سبب ڏڪار واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي چوپايو مال گاه نه هجڻ ڪري بکن ۾ وڏي تعداد ۾مري رهيو آهي. جيئي سنڌ قومپرست پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ڪامريد دودو ديشي چيو ته سنڌ حڪومت کي گهرجي ته متاثرن جي فوري طور واهر ڪري سنڌ ۾ هٿرادو مهانگائي کي ڪنٽرول ڪيو وڃي. هن چيو ته ٻوڏ متاثر روڊن رستن تي بي يارو مددگار ويٺل آهن فورن بحالي جو بندوبست ڪري کين کاڌ خوراڪ مهيا ڪئي وڃي. دودو ديشي چيو ته نوري آباد سانحي ۾ خير پور ناٿن شاهه جي ٻوڏ متاثر جي بس سان پيش آيل واقعي جي تحقيقات جي گهر ڪجي ٿي پورهيت مزاحمتي جي چيئرمين مسرور شاه خطاب ڪندي چيو ته حڪمرانن سنڌين کي ٻه هزار روپيا ڏئي پهرين سنڌين کي پينو فقير بڻايو انڪم سپورٽ پروگرام آهي اوهان جي عزت نفس ختم ڪرڻ توهان کي ٽڪي ٽڪي جو فقير بڻائڻ توهان مرو ۽ تباه ٿيو اوهان جي سامهون هزار روپين جو نوٽ اڇلائجي ان نوٽ جي ڪري توهان پنهنجون ذلتون وساري نوٽ جي پويان ڊوڙو پيپلزپارٽي ۽ سنڌ حڪومت جو ڪو به سنڌين سان واسطو ڪونهي سنڌي ڪا ترقي ڪن پنهنجي پيرن تي بيهن انهن کي رسوا ڪراڻو آهي عزت نفس ختم ڪرڻي آهي سنڌي آفيسر ڌنڌو ڪرڻ اچي ٿو اڪثريت هاڻي اهي وزير،ايم پي ايز،ايم اين ايز، وڏيرا،سردارن جا پٽيوالا ٿي ڌنڌو پيا ڪن . جلسي کي نواز شاهه، نواز خان زئور، مظهر راهوجو ، روشن ٻرڙو، فاضل سمون ۽ ٻين خطاب ڪيو. جڏهن ته جلسي ۾قومي محاذ آزادي جو اڳواڻ اظهر جميل، سنڌ ويزن جو سربراهه ڊاڪتر محبوب شيخ ، قومي دانشور مشتاق ميراڻي ، ڊاڪٽر بدر چنه ، رواداري تحريڪ جو اڳواڻ پنهل ساريو ، ڪراچي انڊيجنس رائٽس اڳواڻ خدا ڏنو شاهه، جڳديش آهوجا، ايس يو پي اڳواڻ امير آزاد پهنور، سنڌ سجاڳي فورم جو اڳواڻ سارنگ جويو، سهڻي جويو، پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو سميت مختلف سياسي ، قومي جماعتن جي اڳواڻ شرڪت ڪئي . ان موقعي تي گورنر هائوس ڦوهارا چوڪ کان ڪراچي پريس ڪلب تائين ۽ ڀرپاسي جي روڊن رستن سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا، وڏي انگ ۾پوليس اٽالن ۽ رينجرز اهلڪارن جلسي جي حفاظت جون ذميداريون ادا ڪيون.
