ڪوٽڙي سائيٽ ( ن س) ڄامشورو سنڌ يونيورسٽي جي فيڪلٽي ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز ڄامشورو ۾ حيدرآباد روشن خيال فورم طرفان سنڌ جي برساتي 2022 ع جي حوالي سان ٻيون پروگرام رٿيو ويو جنهن جو عنوان وھڪرا ۽ گھارا جي ارضياتي علم جي آئيني ۾ ماھر علم ارضيات پي ايڇ ڊي ماسڪو مان ڊگري حاصل ڪيل ڊاڪٽر عبدالحليم مگسي ليڪچر پروگرام ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چوڻ ھو ته مان 11 سال اڳ ساڳي صورت حال آهي آھڙا پاڻي جا وھڪرا جيڪا آر بي او ڊي کي لڳل گھارا سبب ٻوڏ آئي ان وقت مان ھڪ آرٽيڪل لکيو ھو ۽ پريزينٽيشن ھئي ته آخري پڙھيل لکيل قوم جون غلطيون ڪيستائين ڪندو رھندو ٻوڏ جيڪا درياءَ جو پاڻي ٻاھر اچڻ کي ۽ بندن کي ڪٽ گھارا چئبو آهي موجود وقت جي 7 کان 8 لک ڪيوسڪ پاڻي سبب پوري سنڌ جيان بدين ۽ ٺٽو کي به نقصان پھچايو آهي اھڙين تباهين ۾ سرڪاري جي لاپرواھي ۾ برابر جا شريڪ آهن ھن علمي ادبي پروگرام ۾ وڏي تعداد ۾ ناليوارا لکيڪ دانشور ڊاڪٽرن ۽ شاگردن شرڪت ڪئي حرف جي ڪنوينر ڊاڪٽر عبدالحميد سومرو جو چوڻ ھو ته اسان جي پليٽ فارم جو مقصد سماج ۾ سڃاڳي پيدا ڪرڻ آهي ۽ اصلي حقيقت عوام آڏو پيش ڪرڻ لاءِ اسان جي ڪوشش آهي آخري ۾ آيل مھمانن لاء ريفرشمينٽ جو به بندوبست پڻ ڪيو ويو.
