شڪارپور(ڊ ر )دادو ۾ زميني تڪرار تان ممتاز علي ٻٻر جي گهر تي پنهنجي ئي ٻٻر برادري جي بااثرن جو حملو، گهرڀاتين کي هڪ ڪلاڪ کان وڌيڪ يرغمال بڻائي تشدد ڪيو ويو، متاثرن جي دانهن تي پاڙي وارا پهتا ته جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، ان وقت بي سيڪشن ٿاڻي ۽ وومن ٿاڻي دادو تي حملي ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ڪرايو ويو ان سلسلي ۾ ممتاز علي ٻٻر ۽ گهرڀاتي دادو پريس ڪلب پهچي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي ته گذري ساڍا 12 سالن کان زمين تي قبضو ڪندڙ پنهنجي برادري جا ماڻھون غلام قادر ٻٻر، اياز ٻٻر، ۽ نواز ٻٻر اڄ صبح جو يارنهن وڳين گهر ۾ گهڙي حملو ڪيو جنهن سبب گهرڀاتين کي يرغمال بڻائي تشدد ڪري حراسان ڪيو ويو، ممتاز علي ٻٻر دانهنيدي چيو آھي ته ڪورٽ سڳوري 15-03-2022 تي کاتا منهنجي نالي تي ڪري منهنجي حق ۾ فيصلو ڏنو، اهڙي ڪورٽ جي فيصلي جي ڀڃڪڙي ڪندڙ جوابدار مونکي ۽ منهنجي فيملي کي وقتن با وقتن حراسان ڪري اسان کي موت مار ڌمڪيون پيا ڏين، ممتاز علي ٻٻر مطالبو ڪندي دادو ايس ايس پي ۽ اعلي اختيارين کان گهر ڪئي ته مٿي ڄاڻايل جوابدارن خلاف قانوني ڪرائي ڪري اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي
