لاهور(مانيٽرنگ ڊيسڪ) ناليواري اداڪارا مايا علي جي گانو ڳائيندي وڊيو وائرل ٿي آهي. وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته مايا علي دوستن سان گڏجي هڪ فني وڊيو شيئر ڪئي جنهن ۾ هوءَ دوستن سان گڏجي گانو “ميري بندي ڪي لئي” ڳائيندي ٽڪ ٽاڪ وڊيو ٺاهي آهي جنهن ۾ کيس هلندڙ گاني تي چپ چوريندي ڏسي سگهجي ٿو. اداڪارا وڊيو جي ڪيپشن ۾ لکيو ته ٻيهر نه پڇجو. وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ مايا ۽ حارث رئوف جي حوالي سان تبصرن جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. هڪ واهپيدار لکيو ته حارث ڪنڊ بيهي چئي رهيو آهي ته بندو ته هتي آهي تون ڏس ته صحيح. ٻئي واهپيدار لکيو ته هيري بواءِ، ڀابي تيار آهي. جڏهن ته هڪ واهپيدار ته حارث رئوف کي ٽيگ ڪندي لکيو ته هارث ڄڃ وٺي اچڻ لاءِ به تيار آهي توهان رڳو ها ڪيو. واضح رهي ته قومي ٽيم جي فاسٽ بالر حارث رئوف ۽ اداڪارا مايا علي حوالي سان سوشل ميڊيا واهپيدار گهڻو ڪجهه ڄاڻن ٿا. پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ قومي ڪرڪيٽر ان ڳالهه جو اعتراف به ڪيو هو ته کيس مايا علي تمام گهڻو وڻندي آهي ۽ هو ساڻس رات جي ماني گڏ کائڻ چاهي ٿو جيتوڻيڪ ان حوالي سان اداڪارا طرفان ڪنهن به قسم جو ڪو به رد عمل نه آيو هو. هاڻي جڏهن اداڪارا اهو ٽڪ ٽاڪ گانو ڳايو آهي ته واهپيدار ان وڊيو کي حارث رئوف سان جوڙي رهيا آهن.
