نوابشاهه ۾ نوجوان جي قتل خلاف ڏنگراج برادري جو احتجاجي مظاهرو،ڌرڻو

نوابشاهه(ڊ ر) گذريل رات شر برادري جي ھٿياربندن پاران گپچاڻي روڊ وٽ ڏنگراج برادري جي نوجوان رضا محمد ڏنگراج کي گوليون هڻي بيدردي سان قتل ڪرڻ واري واقعي خلاف سندس وارثن پاران عورتن ۽ مردن والد دلبر ڏنگراج، شھزاد ڏنگراج، جبار، ولي محمد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نوابشاه پريس ڪلب ٻاهران فوتي نوجوان جو لاش رکي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻندي چيو ته اسان جو نوجوان ڦٽو ھلائي پنھنجي ٻچن جو پيٽ گذر ڪندو ھو، جڏهن ته گذريل رات گپچاڻي روڊ کان پنھنجي گھر اچي رھيو ھو ته شر برادري جي ھٿياربندن صديق شر، راڻو شر، حسن شر، حميد شر، دان شر، ضمير شر ۽ ٻين گوليون ھڻي اسان جي نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، ھنن چيو ته مذڪورہ جوابدارن ڏانھن اسان جي نوجوان جا 2 ھزار روپيا رھيل ھئا جيڪي گھرڻ تان انھن موتمار ڌمڪيون ڏنيون ۽ گذريل رات گوليون ھڻي اسان جي نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، ھنن چيو ته پوليس کي اسان شر برادري جي ھٿياربندن جا نالا ڏنا آھن ليڪن پوليس انھن کي گرفتار نٿي ڪري جيڪا اسان غريبن سان ناانصافي آهي، ھنن مطالبو ڪيو ته جيستائين اسان جي نوجوان جا قاتل گرفتار نه ٿيندا جيستائين اسان لاش نه کڻنداسين، جڏهن ته بعد ۾ پيپلزپارٽي اڳواڻ ۽ چيف سردار علي گل ڌوئنرو مقتول جي وارثن سان ڳالھايون ڪري ڌرڻو ختم ڪرايو ۽ قاتلن جي گرفتاري لاءِ خاطري ڪرائي جنھن بعد وارث مقتول جو لاش کڻي اباڻي ڳوٺ روانا ٿي ويا

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں