نوشهرو ۾ ڀيل برادري جو قاتلن جي گرفتاري لاءِ مظاهرو

نوشهروفيروز(ڊ ر)نوشهروفيروز ويجهو ڳوٺ پير صادق واسي ڀيل برادري جي ماڻهن جو ناري اندرا ڀيل قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار نه ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنهن جي اڳواڻي ناري جو پيءُ بابُو ڀيل , ڀاءُ مٺو ڀيل ۽ ٻيا وارث ڪري رهيا هيا جن نعري بازي پڻ ڪئي ان موقعي تي ناري اندرا جي والد بابو ڀيل ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو ته منهنجي ڌيءُ اندرا کي 60 ميل ٿاڻي جي حد ۾ سندس مڙس ڀاڳو مل , سهري اتمو مل ۽ ڪرنو مل سان ملي ڪري گُهٽا ڏئي ۽ تشدد ڪري قتل ڪري ڇڏيو آهي ۽ اٽيڪ جو ڪوڙو ڊرامو ٺاهي پاڻ کي بچائڻ جي ڪوشش پيا ڪن هن چيو ته هڪ سال اڳ اندرا جي شادي ڀاڳو مل سان ڪرائي هئي جيڪو ڌيءُ کي مارڪٽ ڪندو رهندو هيو جيڪو شڪي مزاج هو جنهن پنهنجي پيءُ ۽ چاچي سان ملي ڀڳت ڪري کيس قتل ڪيو آهي پر پوليس هڪ به جوابدار گرفتار ڪري ناهي سگهي هنن ايس ايس پي نوابشاهه ۽ ڊي آء جي حيدرآباد کي اپيل ڪئي ته ناري اندرا ڀيل جي قتل ۾ ملوث سمورا جوابدار گرفتار ڪري سندس بيگناهه خون سان انصاف ڪيو وڃي

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں