اسلام آباد (نمائندن وٽان) قومي اسيمبلي جي 8 ۽ پنجاب اسيمبلي جي 3 تڪن ۾ پولنگ کانپوءِ نتيجا اچڻ جو سلسلو جاري آهي ۽ ملتان ۾ پ پ جي سيد علي موسيٰ گيلاني ميدان ماري ورتو آهي. صبح 8 وڳي کان شروع ٿيندڙ پولنگ بنا وقفي 5 وڳي تائين جاري رهي، جنهن کانپوءِ ووٽن جي ڳڻپ شروع ڪئي وئي ۽ نتيجا اچڻ جو سلسلو جاري آهي. قومي اسيمبلي جي 8 تڪن جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب تحريڪ انصاف کي 6 سيٽن تي سرسي حاصل آهي، جڏهن ته پ پ ملتان جي سيٽ کٽي ورتي آهي ۽ ان کي هڪ سيٽ تي سرسي حاصل آهي. اين اي 22 مردان 3 جي 330 پولنگ اسٽيشنز مان 121 جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجي موجب تحريڪ انصاف جو عمران خان 26233 ووٽن سان پهرئين ۽ جي يو آءِ جو محمد قاسم 24311 ووٽن سان ٻئي نمبر تي آهي. اين اي 24 چارسدا 2 جي 384 مان 150 پولنگ اسٽيشنز جي غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجي موجب عمران خان 29171 ووٽن سان پهرئين، جڏهن ته اي اين پي جو ايمل ولي خان 26045 ووٽ سان ٻئي نمبر تي آهي. اين اي 31 پشاور 5 جي 265 مان 212 پولنگ اسٽيشنز جي غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجي تحت عمران خان 47693 ووٽ کڻي پهرئين نمبر تي آهي، جڏهن ته اي اين پي جي غلام احمد بلور 26665 ووٽ حاصل ڪيا. اين اي 108 فيصل آباد 8 جي 353 مان 164 پولنگ اسٽيشنز جي غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجي موجب تحريڪ انصاف جو عمران خان 42190 ووٽ کڻي اڳتي ۽ ن ليگ جو عابد شير علي 30228 ووٽ حاصل ڪري ٻئي نمبر تي آهي. اين اي 118 ننڪانا صاحب جي 319 مان 87 پولنگ اسٽيشنز جي غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجي موجب عمران خان پهرئين نمبر تي آهي، تحريڪ انصاف چيئرمين 22602 ووٽ ۽ ن ليگ جي شذرا منصب علي 19735 ووٽ حاصل ڪيا آهن. اين اي 237 ڪراچي ملير 2 جي 194 مان 103 پولنگ اسٽيشنز جي غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجي موجب پ پ جو عبدالحڪيم بلوچ 13212 ووٽ کڻي اڳتي آهي، جڏهن ته عمران خان 11502 ووٽن سان ٻئي نمبر تي آهي. اين اي 239 ڪراچي ڪورنگي 1 جي 330 مان 43 پولنگ اسٽيشنز جي غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجي موجب عمران خان 5805 ووٽ کڻي پهرئين نمبر تي آهي ۽ ايم ڪيو ايم جي سيد نيئر رضا 1103 ووٽ حاصل ڪيا. اين اي 157 ملتان 4 جي سڀني پولنگ اسٽيشنز جي غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجي موجب پ پ جو سيد علي موسيٰ گيلاني 79743 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو آهي، جڏهن ته سندس مقابلي ۾ شاهه محمود قريشي جي ڌيءَ مهربانو قريشي 59993 ووٽ حاصل ڪيا.
