پڊعيدن ۾ نيو سانگي شاخ جي پاڻي تباهي مچائي ڇڏي

پڊعيدن(ن س)پڊعيدن جي نيو سانگي شاخ جي پاڻي پڇڙي ۾ پاڻي تباهي مچائي ڇڏي سوين ڳوٺن ۾ پاڻي داخل ڪو به چونڊيل نمائيندو نه پڳو نه آپاشي وزير پڳو,يوسي ڀانڀري جا سوين ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا ڳوٺن جي ماڻھن چيو ته جڏھن اسان کي پاڻي جي ضرورت هوندي آھي ته اسان وٽ مال جي پيئڻ لاء پاڻي ناهي ايندو هن وقت برسات کان پوء ٽن مهينن کان پاڻي اسان کي پڇڙي ۾ ٻوڙي ڇڏيو آھي اسان وٽ هن وقت ڪا شي کائڻ جي لاء نه آھي اسان جو مال مري ويو جڳهيون ڪري پيون پاڻي گهرن ۾ داخل ٿي ويو آھي پر ڪو به چونڊيل نمائيندو نه پڳو آھي رهواسين نثار مبيجو لونگ خان مري مير محمد مبيجو اڪرم خاصخيلي راهب مري نديم مبيجو جاويد مبيجو الهڏتو خاصخيلي ڪرن علي مري غلام مرتضا مبيجو ۽ ٻين سنڌ حڪومت ڊي سي نوشھروفيروز ۽ سردار مولا بخش مبيجو سميت آبپاشي وزير ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته فوري طور نوٽيس وٺي اسان جي ڳوٺن جي مالي مدد ڪئي وڃي  ۽  ٽيل شاخ “سانگي ” کي بند ڪرايو وڃي

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں