ڊگھڙي (ن س) سنڌ مزدور اتحاد طرفان پريس ڪلب ڊگهڙي اڳيان قائم ڪيل اٺن ڏينهن واري علامتي بک هڙتال ڪئمپ اڄ آخري ڏينهن تي پنهنجي پڄاڻي تي پهتي،ميرپورخاص کان سگا اڳواڻن،سول سوسائٽي،سنڌ ترقي پسند پارٽي جا اڳواڻ پهتا سخت احتجاج بعد ريلي جي صورت ۾ ايس ايڇ او ڊگهڙي ۽ ڊي ايس پي سان ملاقات لاء پهتا،احتجاجي مظاهري ۾ سنڌ مزدور اتحاد جي مرڪزي صدر حميد چنا،سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ضلع صدر ميريونس ٽالپر،سنڌ مزدور اتحاد جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري منظور علي چانڊيو،سگا ميرپورخاص جي صدر ظفر علي پنهور،جنرل سيڪريٽري جمن لغاري،سول سوسائٽي ميرپورخاص جي اڳواڻ شير محمد سولنگي،لاريب قمبراڻي ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڊگهڙي شھر سان تعلق رکندڙ هڪ متحرڪ سماجي اڳواڻ ۽ سنڌ مزدور تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ڪامريڊ صغران خاصخيلي جي گهران ٿيل چوري واري واردات جي خلاف سنڌ مزدور اتحاد طرفان اعلانيل اٺن ڏينهن واري علامتي بک هڙتال جو اڄ آخري ڏينهن هو اسانجي تحريڪ جو اڄ پهريون مرحلو مڪمل ٿيو آهي جنهن کانپوء اسان جلد ميرپورخاص سول سوسائٽي ۽ سڄان ڌريون پاڻ ۾ گڏجي هن واردات ۽ ڊگهڙي پوليس خلاف ايندڙ لائحه عمل جوڙينداسين هنن چيو ته ڊگهڙي پوليس جي نااهلي جي ڪري صغران خاصخيلي سميت ڊگهڙي جا شھري غيرمحفوظ آهن ڇو ته هڪ متحرڪ عورت اڳواڻ جي گهران چوري ٿي سگهي ٿي ته پوء هڪ عام شهري جي ڇا حالت هوندي،اڳواڻن چيو ته گذريل ڏينهن هڪ اوباش نوجوان ڪامريڊ صغران خاصخيلي جي رستاروڪ ڪري کيس موتمار ڌمڪيون ڏنيون آهن جنهن جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا،پوليس جي رويي تي اسانکي سخت مايوسي ٿي آهي اڃان تائين اسان سان ڪيس داخل ڪرائڻ يا چوري برآمد جي باري ۾ رابطو به ناهي ڪيو اسان سمجهون ٿا ته پوليس چورن سان ٻٽ بڻيل آهي انهي ڪري هن واردات تي سنجيدگي نه پئي ڏيکاري ۽ مڪمل خاموش تماشائي بڻيل آهي،اڳواڻن چيو ته جيڪڏهن ڊگهڙي پوليس فوري طور تي چور گرفتار ڪري ٿيل چوري ۽ بدمعاشي ذريعي رستا روڪ ڪندڙ خلاف قانوني ڪاروائي نه ڪئي ته اسان احتجاج جو دائرو وسيع ڪنداسين احتجاجي مظاهري بعد ريلي جي صورت ۾ اڳواڻ ڊگهڙي ٿاڻي تي پهتا جتي ايس ايڇ او ڊگهڙي موجود نه هئڻڪري ڊي ايس پي ڊگهڙي ميرآفتاب ٽالپر جي رهائشگاھ تي ريلي پهتي ريلي ۾ عورتون ۽ معصوم ٻار پڻ شريڪ هئا جتي ڊي ايس پي ڊگهڙي اڳواڻن کي يقين ڌياني ڪرائي ته ٿيل چوري جلد برآمد ڪرائي ويندي سندس اهڙي خاطري بعد ريلي پنهنجي پڄائي تي پهتي،سنڌ مزدور اتحاد جي مرڪزي صدر ڪامريڊ حميد چنا صحافين کي ٻڌايو ته اسان جلد پنهنجي ايندڙ لائحه عمل جوڙينداسين جدوجهد جاري رکنداسين۔
