ڪراچي جي ٻنھي تڪن تي چونڊ جو عمل پرامن آھي: اليڪشن ڪمشنر

ڪراچي (بيورو) صوبائي اليڪشن ڪمشنر، چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي سنڌ چيو آھي تھ  ڪراچي جي ٻنهي قومي تڪن تي ننڍي چونڊ وارو عمل پرامن نموني جاري آهي. صوبائي اليڪشن ڪمشنر، چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي سنڌ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو تھ ڪراچي جي ٻنھي قومي تڪن تي چونڊ جو عمل پرامن آھي، ڪنھن کي قانون ھٿ ۾ کڻڻ نھ ڏينداسين. صوبائي اليڪشن ڪمشنر اعجاز انور موجب پولنگ اسٽيشن تي ڪا به بدنظمي برداشت نه ڪئي ويندي. آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جو چوڻ ھو تھ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ مقررين باوجود ننڍي چونڊ لاءِ ڀرپور سيڪيورٽي فراهم ڪئي آهي. چيف سيڪريٽري جو چوڻ ھو تھ پرامن ماحول ۾ پولنگ ٿي رهي آهي،  شفاف  چونڊن لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا ويا آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں