ڪوٽڙي:گلشن شهباز ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ ميڊيڪل ڪئمپ لڳائي وئي

ڪوٽڙي سائيٽ (ن س) ٻوڏ سٽلين جو تنبو ڳوٺ گلشن شھباز بستي ڪوٽڙي ۾ وومين پروٽڪيشن سينٽر طرفان ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي وئي جنهن ۾ سماجي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندڙ ادارن جو سھڪار پڻ\ رھيو ھن ميڊيڪل ڪيمپ ۾ سئون جي تعداد ۾ عورتين ۽ ٻارڙين لاءِ ماھر علاج لاءِ ڊاڪٽرياڻيون موجود ھيون جنهن مريضن کي چيڪ اپ ڪري دوائون پڻ ڏنيون ھن ڪميپ ۾ جنهن سھڪار ڪيو ان ۾ ڊي ايڇ او حيدرآباد پاپوليشين ڊپارٽمينٽ ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايمرجنسي ريليف پاڪستان جو تعاون ڪيو ويو ھن پروگرام جي والنٽئرطور پوليس جا جوان سرانجام ڏي رھيا ھئا ھن ميڊيڪل ڪيمپ جي خاص مھمان ۽ آرگنائزير وومين پروٽيڪشن سينٽر جي ايگزيڪٽيو ڊائريڪٽر ميڊيم ماروي اعواڻ خصوصي طور شرڪت ڪئي ھن موقعي تي ميڊيم ماروي اعواڻ ميڊيا سان ڳالهيندي چوڻ ھو ته ھن موجود ٻوڏ ۾ ماروئڙن امڙ ۽ ٻارن جي تڪليف منهنجي تڪليف آهي مان پنهنجي ڪوششن سان ٻوڏ متاثرن جي وس آھر مدد ڪيون پيا ھن جو وڌيڪ چوڻ ھو ته ھن ميڊيڪل ڪيمپ ۾ خارش بخار پيٽ سان عورتيون جو علاج لاء ڪوشش ڪئي ھن ميڊيڪل ڪيمپ ۾ 6 ڊاڪٽرياڻيون موجود ھيون جنهن عورتين ۽ ٻاڙين جو علاج ڪيو ھن ميڊيڪل ڪميپ سان گڏوگڏ ٻارڙين عورتين ۾ کير بسڪوٽ جوس ضرورت جون شيون پڻ تقسيم ڪيو ويون آخري ۾ ميڊيم ماروي اعواڻ طرفان ھر والينٽئر جا ٿورا مڃيا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں