گهوٽڪي مان فوجي جوان هرکجي اغوا، 50 لک ڀُنگ طلب

گهوٽڪي (ڊ ر) سرحد ڀرسان جهانپور شريف واسي 26 سالا فوجي جوان عزيز الله ولد غلام فريد سومرو، آندل سندراڻي ٿاڻي جي حد وسطي جيوڻ شاهه جي ڪچي مان مبينه طور اغوا ٿي ويو آھي، جنهن جي بازيابي لاءِ ڌاڙيلن پاران مغوي فوجي جوان جي بازيابي لاءِ وارثن کان 50 لک رپيا ڀُنگ طلب ڪيو ويو آھي، ان سلسلي ۾ مغوي فوجي جوان جي وارث رئيس محمد بخش سومرو جو چوڻ هو ته فوجي جوان عزيز الله سومرو ڪرائي تي موٽرسائيڪل ڪرائي ڪچي طرف ويو ته کيس اغوا ڪيو ويو جنهن جي بازيابي لاء ڌاڙيلن فون ڪري 50 لک رپيا ڀُنگ طلب ڪيو آھي مگر اسين مسڪين آھيون نوجوان جي بازيابي لاء 50 لک روپين جيتري وڏي رقم ڪٿان آڻيون هن ايس ايس پي گهوٽڪي تنوير تنيو ۽ ٻين وس وارن کان فوجي جوان عزيز الله سومرو جي بازيابي جي اپيل ڪئي آھي، ھوڏانهن ايس ايڇ او آندل سندراڻي انور علي شر رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته فوجي جوان عزيز الله سومرو عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿي ويو آھي مغوي نوجوان جا وارث ٿاڻي تي اطلاع ڪري ويا آھن، معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي ۽ تمام جلد مغوي فوجي جوان کي بازياب ڪرايو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں