هالاڻي(ن س)ھالاڻي ۽ اسپاس جي ڳوٺن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ڪرڻ خلاف راڄوڻي اتحاد جي سڏ تي ڪيترن ئي ڳوٺن جي سوين ماڻھن پاران ٽريڪٽر ٽرالين ڪارن موٽر سائيڪلن ۽ چنگچي رڪشائن تي چڙھي پنج ڪلو ميٽر مارچ ڪري قومي شاھراھ ھالاڻي بس اسٽاپ وٽ ڌرڻو ھنيو ڌرڻي کي خطاب ڪندي الھ وڌايو سيال ذوالفقار نانگور نذر محمد ھايپوٽو شريف سومرو فدا حسين سھتو ۽ ٻين جي اڳواڻي م ڌرڻو ھنيو ان موقعي تي خطاب ڪندي ڳوٺاڻن چيو ته برسات کي ختم ٿئي مھيني کان مٿي عرصو ٿي چڪو آھي ليڪن تنھن جي باوجود اسان جي ڳوٺن رستن ۽ زمينن مان پاڻي نه ڪڍيو ويو آھي جنھن جي ڪري اسان سخت پريشان آھيون ڪيترائي دفعا چونڊيل نمائندن ۽ ڊي سي نوشھروفيروز کي چيو آھي ليڪن تنھن جي باوجود ڪوبه کڙتيل نه نڪتو جنھن ڪري مجبورن اسان کي روڊن تي نڪرڻو پيو آھي ھنن وڌيڪ چيو ته جيستائين اسان جي ڳوٺن مان پاڻي نه نڪرندو تيستائين اسان جو احتجاج جاري رھندو
