برسات متاثرن جي بحاليءَ لاءِ تڪڙا قدم کڻي کين کاڌ خوراڪ مهيا ڪئي وڃي:سماجي اڳواڻ

حيدرآباد(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي مختلف يونيورسٽين جي سربراهن، تعليمي ماهرن، واپار ۽ صنعتن واري ايوان جي اڳواڻن ۽ سماج سڌارڪن حڪومت تي زور ڀريو آهي ته برسات متاثرن جي بحاليءَ لاءِ تڪڙا قدم کڻي کين کاڌ خوراڪ مهيا ڪئي وڃي ۽ زمينن ۾ بيٺل پاڻي نيڪال ڪرائي ۽ اهڙيون حڪمت عمليون جوڙيون وڃن جو مستقبل ۾ اهڙين تباهين کان بچي سگھجي.اهڙو اظهار سافڪو گروپ آف ڪمپنيز سافڪو، ايس ايس ايف ۽ ايس ايم سي ايل طرفان انڊس هوٽل ۾ ’ٻهراڙي جي عورت‘، ’خوراڪ‘ ۽ ’غربت گھٽائي‘ جي حوالي سان ٽن عالمي ڏهاڙن  (15، 16 ۽ 17 آڪٽوبر) جي حوالي سان انڊس هوٽل حيدرآباد ۾ منعقد ڪيل گڏيل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو ويو. تقريب کي سنڌ زرعي يونيورسٽي جي وائس چانسلر ڊاڪٽر فتح محمد مري، شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور جي وائس چانسلر ڊاڪٽر خليل احمد، سنڌ آبادگار بورڊ جي سينيئر نائب صدر محمود نواز شاهه، پروفيسر ڊاڪٽر اعجاز کونهارو، ڊاڪٽر محمد اسماعيل ڪنڀر، سافڪو جي باني ۽ سرواڻ سليمان جي ابڙو، خوراڪ ۽ زراعت بابت عالمي اداري (فائو) سنڌ جي سربراهه روبينا وهاج، پروفيسر رفيق احمد چانڊيو، ايوان زراعت جي نائب صدر نبي بخش سٺيو، وومين چيمبر آف ڪامرس حيدرآباد جي سربراهه شاهده ٽالپر، نديم شاهه، محمود نواز شاهه ۽ ٻين خطاب ڪيو.سليمان جي ابڙو سڀن جي آجيان ڪندي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته هن قسم جو تباهيون اسان کي اڳتي وڌڻ ۽ ترقيءَ جي ڌارا ۾ شامل ٿيڻ کان روڪين ٿيون، اسين سنڌ حڪومت کي اپيل ٿا ڪريون ته اهڙيون حڪمت عمليون جوڙي جن سان مستقبل ۾ اهڙين تباهين کي روڪي سگھجي ۽ سنڌ سميت اسان جو ملڪ خوشحال ٿئي. هُن چيو ته نه رڳو سنڌ ۾ پر سموري دنيا ۾ کاڌ خوراڪ جي کوٽ جي ڪري احتجاجي مظاهرا ٿي رهيا آهن، جن کي نظر ۾ رکي عالمي سطح تي به پاليسيون جوڙڻ جي ضرورت آهي. لطيف يونيورسٽي خيرپور جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر خليل احمد چيو ته ٻوڏ کانپوءِ صورتحال اِها آهي ته ٽينٽ 30 هزار ۾ وڪامي رهيو هو پر متاثرن کي نه مليو. سجاڳي نه هجڻ ڪري خوراڪ محفوظ ڪرڻ جا روايتي طور طريقا به وساري ويٺا آهيون. سافڪو اڄوڪو پروگرام ڪري ماڻهن کي سجاڳي پيدا ڪئي آهي. سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جي وائس چانسلر ڊاڪٽر فتح مري چيو ته تباهڪارين ۾ اسان جا ادارا متحرڪ نه هئا ۽ انساني جي وسيلا ميسر نه هئا، عالمي سطح تي به اسان کي گهربل امداد نه ملڻ جي برابر ملي. هُن چيو ته سنڌ جي لاڙ، ڪاڇي، وچولي سميت سمورن علائقن سان جاگرافيائي طور هم آهنگ فصل پوکڻ لاءِ تحقيق ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن ٻوڏ جي تباهه ڪارين کي منهن ڏيئي سگهجي. هُن چيو ته ٻوڏ جي سنڌ جا نه رڳو زراعت متاثر ٿي آهي پر پنجاهه سيڪڙو شاگرد فيس به ادا نه ڪري سگهندا. سنڌ آبادگار بورڊ جي سينيئر نائب صدر محمود نواز شاهه چيو ته عورتن جو ترقي ۾ حصو گهٽ آهي جڏهن زراعت ۾ هو مردن کان وڌيڪ محنت ٿيون ڪن. هُن چيو ته ٽيڪسٽائل سيڪٽر کي بجلي تي سبسڊي جي مد ۾ 100 ارب روپيا ڏنا ويا آهن پر زراعت کي نظرانداز ڪيو ويو آهي. ٽنهي وڏين پارٽين جي منشور ۾ زراعت شمال آهي، پوءِ به اهي ان کي اهميت نه ڏيئي رهيا آهن. هن چيو ته وفاقي حڪومت ڪڻڪ جي پيداوار جو هدف 28.8 ملين ٽن رکيو آهي جڏهن ته گذريل سال جي پيداوار 26 ملين ٽن هئي. ان ڪري سرڪاري انگ اکر اعتبار جوڳا نه آهن. هن چيو ته ايندڙ سال پاڪستان ۾ 6، 7 ملين ٽن ڪڻڪ جي کوٽ پيدا ٿيندي. پروفيسر اسماعيل ڪنڀر تجويزون ڏيندي چيو ته ايندڙ 20، 30 سالن تائين غربت جو خاتمو مشڪل نظر اچي ٿو ڇاڪاڻ ته حڪومت ڪي به اهڙيون پاليسيون نه جوڙي سگهي آهي. هن وقت تائين برسات جي نقصانن جو ڪاٿو نه لڳايو ويو آهي نه ئي ماڻهن جي بحالي لاءِ جوڳا قدم کنيا ويا آهن. سنڌ جو ماڻهو بي يارو مددگار آهي، حڪومت کان پڇاڻو ڪيو وڃي ته آخر رليف جو ڪم اڃا تائين ڇو نه ٿي سگهيو آهي.  هن تجويزيون ڏيندي چيو ته زرعي پيداوار وڌائي وڃي، کاڌو صحت افزا هجي، خوراڪ، ڀاڄين، کير ۽ کاڌي جي ٻين جي تحقيق ڪري ان کي وڌايو وڃي. خوراڪ جي پاليسي جو جائزو ورتو وڃي، هارين ۽ آبادگارن جا قرض معاف ڪيا وڃن. بيٺل پاڻي جو نيڪال ڪري نوان فصل پوکڻ لاءِ مالي سهڪار ڪيو وڃي. خوراڪ ۽ زراعت بابت عالمي اداري (فائو) سنڌ جي سربراهه روبينا وهاج خطاب ڪندي چيو ته خوراڪ جو مسئلو 2019ع ۽ 2020ع ۾ 30 سيڪڙو هو جيڪو 2021ع ۽ 2022ع ۾ وڌي 50 سيڪڙو ٿي ويو آهي، هن وقت 1.3 ارب ماڻهن وٽ مناسب کاڌ خوراڪ نه آهي. حڪومتن کي گهرجي ته پنهنجي پاليسين تي نظرثاني ڪن. ان موقعي تي چيمبر آف ڪامرس ۽ سمال ٽريڊرس جي اڳواڻ دولت رام، وومين چيمبرس آف ڪامرس جي اڳواڻ زاهده ٽالپر، سنڌ آبادگار بورڊ جي نائب صدر نديم شاهه، پروفيسر رفيق احمد چانڊيو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں