بنا ڪنهن ثبوت جي راڻا ثناءُالله کي اشتهاري بنائي ڇڏيو: عدالت

لاهور (م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُالله جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ ۽ بنا ڪنهن ثبوت جي کيس اشتهاري قرار ڏيڻ تي اينٽي ڪرپشن پنجاب تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بئنچ پاران طلب ڪرڻ تي راڻا ثناءُالله پنهنجي وڪيلن سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿيو. ٻڌڻي دوران لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بئنچ جي جسٽس صداقت علي خان ايڊيشنل ڊي جي اينٽي ڪرپشن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي پڇاڻو ڪيو ته اوهان کي راڻا ثناءُالله خلاف ڪيس جا ثبوت پيش ڪرڻا آهن، ثبوت ڪٿي آهن؟ عدالت پڇاڻو ڪيو ته راڻا ثناءُالله هائوسنگ سوسائٽي مان پلاٽ خريد ڪيا، هو ته پلاٽن جو خريدار آهي، اوهان خريدار کي تحفظ ڏيڻ جي بجاءِ ان خلاف ڪيس ٺاهي رهيا آهيو. اينٽي ڪرپشن پنجاب جي وڪيل چيو ته هائوسنگ سوسائٽي جي اين او سي جاري ناهي ٿي جنهن تي عدالت ريمارڪس ڏنا ته اين او سي جو هن ڪيس سان ڪوبه تعلق ناهي. اوهان چيو آهي ته راڻا ثناءُالله پلاٽ رشوت وٺي خريد ڪيا آهن. راڻا ثناءُالله رشوت ڪنهن کان ورتي آهي اهو ثابت ڪريو. لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بئنچ طرفان طلب ڪرڻ باوجود ڊي جي اينٽي ڪرپشن جي پيش نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اطهار ڪندي چيو ته راڻا ثناءُالله جي گرفتاري وارنٽس ۾ غلط بياني ڪئي وئي اوهان بنا ثبوت جي راڻا ثناءُالله کي اشتهاري بنائي ڇڏيو. غلط ڪيس داخل داخل ڪرڻ تي ڇو نه اوهان کي جيل اماڻي ڇڏيون. لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بئنچ جي جسٽس صداقت علي خان ڪيس جي ٻڌڻي 28 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪندي ڊي جي اينٽي ڪرپشن پنجاب کي رڪارڊ سميت مڪمل تياري ڪري اچڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں