تلهار(ن س)تلهار پوليس جون منشيات فروشن خلاف ڪارروايون ۾ اڍائي ڪلو چرس ، 1500 مضر صحت هٿرادو گهٽڪه ،هڪ پسٽل 3 گوليون ،هڪ ڪار ،هڪ موٽر سائيڪل هٿ ڪري هڪ عورت سميت 3 منشيات فروش گرفتار ڪري ورتا آهن رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او تلهار سعيد احمد چنا ٻڌايو ته ايس ايس پي بدين شاهنواز چاچڙ جي هدايتن تي تلھار ٿاڻي جي حدن ۾ منشيات فروشن سميت جملہ ڏوهارين خلاف آپريشن جاري آهي اسان مخلتف جڳهين پيرولاشاري ،تلهار جي مختلف علائقن ۾ ڇاپه هنيا آهن جڏهن ته ڪامياب ڪاررواين ۾ مٿي ڄاڻايل منشيات هٿيار ۽ هٿرادو گهٽڪه ٺاهڻ جو سامان سميت هڪ بدنامه زمانہ عورت منشيات فروش مسمات ڀاڳي سميت 3 جوابدار معشوق علي ٻٻر ،عبدالخالق عرف مير لالا کي گرفتار ڪيو آهي هنن منشيات فروشن نوجوان نسل کي تباھ ڪرڻ ۽ معصوم ٻارڙا جيڪي اسڪول به نٿا وڃن انهن کي به منشيات جهڙي موذي مرض فروخت ڪرڻ ۾ ملوث مائي ڀاڳي کي گرفتار ڪيو آهي هن وڌيڪ ٻڌايو ته گرفتار جوابدارن مٿان منشيات ايڪٽ ۽ هٿيار رکڻ جا ڌار ڌار 5 ڪيس داخل ڪيا آهن ڪاروائي ۾ 3 جوابدار فرار ٿي ويا آهن جنهين جي ڳولا جاري آهي ،گرفتار جوابدارن کي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي
