دولتپورصفن(ن س)گرينڊ الائنس جي مرڪزي سڏ تي رورل هيلٿ سينٽر دولتپورصفن جي عملي پاران مطالبن جي مڃتا لاء اسپتال ۾ اوپيڊي ٽوڪن ٻہ ڪلاڪ ڇڏ هڙتال ڪري احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو. اُن موقعي تي احتجاج ڪندڙن پروفيشنل پيراميڊيڪس ايسوسئيشن سنڌ جي سيڪريٽري جنرل محمد ذاهد آرائين ، ڊاڪٽر مدد علي رانجهاڻي، ڊاڪٽر رابيل خانزاده ، بشير احمد ڏاهري ، صابرا سلطانا ، خدا بخش انڙ ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيوتہ سنڌ حڪومت اسان جو رسڪ الائونس ، پيرا ميڊيڪل سروس اسٽريڪچر ، اسٽاف جو ٽائم اسڪيل بحال ڪري عملي مان بيچيني ختم ڪئي وڃي ، هنن وڌيڪ چيوتہ پيراميڊيڪل اسٽاف محنت ڪري غريب عوام جي خدمت ڪن ٿا پر وزير اعلىٰ سنڌ ڪابينا ۾ منظور ڪري اسان جو رسڪ الائونس ختم ڪيو آهي جيڪا سراسر اسان عملي سان ناانصافي آهي ، هو چاهين ٿا تہ سنڌ جا ماروڙا تڪليف ۽ عذاب واري زندگي گذارين ۽ دوائون مريضن کي نہ ڏنيون وڃن پر اسان چاهيون ٿا تہ انسانيت جي ناتي عوام جي خدمت ڪريون ، هنن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو تہ فوري طور پيرا ميڊيڪل عملي جا مطالبا تسليم ڪري بيچيني ختم ڪئي وڃي ٻيءَ صورت ۾ ڪشمور کان ڪراچي تائين احتجاج جو دائرو وڌايو ويندي ۽ وزير اعلىٰ هائوس جو گهيراءُ ڪيو ويندو.
