سنڌ جو سوشلسٽ باغي صوفي شاهه عنايت

سارنگ جويو
سنڌ جو سوشلسٽ باغي ۽ صوفي شاھ عنايت شھيد اصل ذات جو لانگاھ ھو، سندس جنم مخدوم فضل الله جي گھر ۾ 1655ع ۾ سنڌ جي تاريخي تخت گاھ رھندڙ ملتان ۾ ٿيو، پر سندس جنم جي حوالي سان ھڪ ٻي روايت به ملي ٿي، جنھن موجب سندس جنم ميرانپور جھوڪ ۾ ٿيو آھي. شاھ عنايت جو تعلق پنھنجي وقت جي وڏي بزرگ ۽ شاعر مخدوم صدرالدين لانگاھ عرف صدو لانگاھ سان ملي ٿو، جيڪو رشتي ۾ سندس تڙ ڏاڏو ٿئي. پاڻ ابتدائي تعليم پهرين ملتان ۽ ان کان پوءِ ميرانپور، ضلعي ٺٽي مان حاصل ڪئي ۽ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻ هندستان پڻ ويا. سنڌ جو ھي پھريون سوشلسٽ باغي ھُيو، جنھن سنڌي قوم جي غريب ۽ پيڙھيل طبقن لاءِ حق جو آواز بُلند ڪيو ۽ پنھنجي ھزارين ايڪڙ زمين غريب ھارين ۾ ورھائي ڇڏي ۽ چيائين ته زمين الله جي آھي، جيڪو ان کي کيڙيندو اهو ئي اُن جو مالڪ ٿيندو ۽ ھي نعرو ڏنائين ته، ”جو کيڙي سو کائي“، جنھن نعري ھيٺ ھزارن جي تعداد ۾ غريب ۽ پيڙھيل ھاري ان وقت جي زميندارن، وڏيرن، ۽ پيرن سان گڏ ڪلھوڙن جي زمينن کي ڇڏي شاھ عنايت وٽ اچي زمين کيڙي سوشلسٽ انقلاب جو عملي روپ ورتائون، ۽ سندس ٻاريل انقلابي چڻنگ انقلابي ۽ مزاحمتي ھاري تحريڪ جي صورت اختيار ڪئي. ان انقلابي ھاري تحريڪ جي سڀ کان پھرين تڪليف اتان جي مقامي زميندارن نور محمد پليجي، حمل جت ۽ عبدالواسع شاھ کي ٿي، جن شاھ عنايت تي حملو ڪرايو، جنھن حملي ۾ شاھ عنايت مٿان انقلابي ھارين پنھنجيون زندگيون قربان ڪيون. شاھ عنايت انھن شھيد ٿيل مظلوم ھارين جو ڪيس پنھنجن ھندستان ۾ موجود ساٿين سان گڏ مغل درٻار ۾ وڙھيو، جيڪو ڪيس پاڻ کٽيائين، مغل درٻار جي عدالت انھن ھارين جي شھادت جي خون بھا ۾ انھن مقامي زميندارن کان سندن زمينون کسي شاھ عنايٿ کي ڏنيون ويون، جيڪي زمينون پڻ شاھ عنايت انھن ھارين جي پونئيرن ۽ ٻين غريب ھارين کي ورھائي ڏنيون، جنھن سان جاگيردارن ۽ زميندارن جي وڏي تعداد ۾ پيڙھيل ھارين پنھنجن جاگيردارن ۽ زميندارن کي ڇڏي اچي شاھ عنايت وٽ پناھ ورتي ۽ ان جي تحريڪ جو حصو ٿيو ۽ گڏيل ڪميون نظام تحت گڏيل ھارپو ڪري خوشحال زندگي گذارڻ لڳا، جنھن تي مقامي زميندارن اڃا وڌيڪ جنھن تي مقامي زميندارن نور محمد پليجي، حمل جت ۽ عبدالواسع شاھ جي چُرچ تي ان وقت مغل شھنشاھيت جي ڏن ڀرو سنڌ جي جاگيردار ڪلھوڙا حڪمرانن خاص ڪري ميان يار محمد ڪلھوڙي، شاھ عنايت جي شڪايت ٺٽي جي صوبيدار اعظم خان ذريعي مغل درٻار دھلي تائين پُھچائي ته، ”شاھ عنايت ماڻھن کي باغي پيو بڻائي ۽ مغلن سان بغاوت ٿو ڪرڻ چاھي“، جنھن تي مغلن يار محمد ڪلھوڙي، ميان نور محمد ڪلهوڙي ۽ اُتان جي وڏيرن کي دھلي ۽ سبي کان فوجي مدد ڏياري موڪلي، جن شاھ عنايت ۽ ان وٽ گڏ ٿيندڙ ھزارين ھارين خلاف جنگ ڪئي، جنھن تي شاھ عنايت حق جو نعرو ھڻي مغل سامراج خلاف بغاوت جو عَلم بُلند ڪيو. اُن بغاوت گوريلا ويڙھ جي صورت اختيار ڪئي، ۽ اها جنگ پنھنجي دور جي گوريلا طرز جي واحد جنگ ھُئي، جنھن مقامي زميندارن، ڪلھوڙا حڪمرانن ۽ مغل نواب اعظم خان جون مَتيون مُنجھائي ڇڏيون. تاريخ ۾ آيو آھي ته اُھا ويڙھ مغل فوج، ڪلھوڙا فوج ۽ مقامي زميندارن ملي ڪري شاھ عنايت ۽ ان جي ساٿين سان ميرانپور جھوڪ ۾ وڙھي، جيڪا ويڙھ ساندھ ڇھ مھينا ھلي، جنھن ۾ ھڪ اندازي موجب 26 ھزار صوفي شاھ عنايت جا ساٿي شھيد ٿيا پر پوءِ به اُھي شاھ عنايت کي شڪست نه ڏئي سگھيا، جنھن کان پوءِ انھن دغا سان يارمحمد ڪلھوڙو، نور محمد ڪلهوڙو، نور محمد پليجو، حمل جت، عبدالواسع شاھ ۽ ٻيا اڇا جھنڊا ۽ قرآن شريف ھٿن ۾ کڻي ٺاھ ڪرڻ لاءِ شاھ عنايت وٽ آيا، جنھن تي شاھ عنايت قرآن مجيد کي مان ڏيندي جنگ بندي ڪرڻ لاءِ راضي ٿي ويو، جڏھن ته شاھ عنايت ۽ ان جا ساٿي اھو سمجھن پيا ته ان جي پُٺيان ڪا نه ڪا سازش ضرور آھي، پر شاھ عنايت قرآن شريف تي يقين ڪندي جنگبندي ڪرڻ لاءِ انھن سان گڏ ويو، ۽ اُتي دوکي سان شاھ عنايت کي اڏيءَ تي سِر رکي شھيد ڪيو ويو ۽ سندس سِر ڪٽي دھلي درٻار ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو. تاريخ جي ڪتابن ۾ آيل آھي ته شاھ عنايت شھيد ٿيڻ کان ڪجھ وقت اڳ فارسي ٻوليءَ ۾ ھي شعر پڙھيو ھو ته:
” سِر در قدم، يار فدا شُد، چه بجا شُد،
اين بارِگران، بُود ادا شُد چه بجا شُد“
مطلب؛ سِرُ يار جي قدمن تي فدا ٿيو، سُٺو ٿيو،
اھو ڪُلھي تي وڏو بارُ ھو، ادا ٿيو سُٺو ٿيو.
شاھ عنايت جي سنڌ جي حقيقي قومي آزاديءَ ۽ پيڙھيل طبقن جي آزاديءَ لاءِ وڙھندڙ ان عظيم تحريڪ کي ۽ ان جي سرواڻ کي وڏي بيرحميءَ سان دوکي سان ڪُڇليو ويو، پر ان جي باوجود اھا ويڙھ سندس بچيل ساٿين روپوشيءَ ۾ رھندي به جاري رکڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ شاھ عنايت جي آزاديءَ واري فڪر جي پرچار پڻ ڪندا رھيا، جنھن جو ذڪر اسان کي سندس ئي دور جي عظيم انقلابي شاعر، مفڪر، سوشل سائنٽسٽ ۽ شاھ عنايت جي انقلابي ۽ گوريلا تحريڪ جو حصو رھندڙ شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي سُر يمن ڪلياڻ، سُر رامڪلي، سُر کاھوڙي ۽ سُر ڪيڏاري ۾ ملي ٿو ته:
ڪاڻيارا ڪُڻڪن، جَنين لوھ لڱن ۾،
محبت جي ميدان ۾ پيا لال لُڇن،
پاڻھي ٻَڌن پَٽيون، پاڻھي چڪيا ڪن،
وٽان واڍوڙين، رھي اچجي راتڙي. (سُر يمن ڪلياڻ)
اڄ نه اوطاقن ۾، طالب تنوارين،
آديسي اُٿي ويا، مڙھيون مون مارين،
جي جيءَ کي جيارين، سي لاھوتي لڏي ويا. (سُر رامڪلي)
ڀڪليا ڀوڻن، ڌَڙَ کي گڏيو ڌوڙ ۾،
ڳالھيون ڳھلي لوڪَ سين، پڌريون پئي نه ڪن،
ڪا مُل آھي تن، مون پريان جي ڳالھڙي. (سُر کاھوڙي)
بھادُرَ گڏيا بھادرين، کڙڳ کلول ڪن،
وجھن ڌڙ ڌڙن تي، ھاڪارين ھڻن،
ڪِرن ڪنڌ نچن، رِڻ گجيو راڙو ٿيو. (سُر ڪيڏارو)
شاھ عنايت جھڙي عظيم شخصيت، جنھن پنھنجي قوم جي آزاديءَ لاءِ ۽ انھن جي غربت مٽائڻ لاءِ کلندي مُرڪندي موت کي قبول ڪيو پر اُن جا پونئر ۽ ان جي گاديءَ جا گادي نشين سندس فڪر ۽ فلسفي کي وساري ويٺا آھن ۽ ان جي اُبتڙ عمل پيرا آھن، جڏھن ته صوفي شاھ عنايت بغير رنگ نسل، ذات پات، اوچ نيچ ۽ مذھبي تفرقي جي انسانيت جي خدمت ڪئي، ايتري قدر ته پاڻ ھندو توڙي مسلم گڏ ويھاري انھن سان گڏ ھڪ ئي پاٽ ۾ ماني کائيندا ھُئا. سندس ان تحريڪ بابت سنڌ جي ڪيترن ئي ليکڪن پنهنجا ڪتاب لکيا آهن پر انهن مان سائين جي ايم سيد جو ’سنڌ جا سورما‘، پروفيسر محمد علي مانجهي جو ’صوفي شاھ، عنايت ۽ سندس سلسلي جا شاعر‘، صوفي حضور بخش جو ڪتاب ’شاهه عنايت‘،. بدر ابڙي جو ”سنڌ جو شاھ“، دانش نواز گهانگهرو جو ’شهيد صوفي شاهه عنايت‘ اهميت جا حامل آهن، جن ڪتابن جي مطالعي مان اسان کي صوفي شاھ عنايت جي فڪر، فلسفي ۽ سندس جدوجهد بابت تفصيل ملن ٿا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں