سينيٽ ڪميٽي اجلاس ۾ مصدق ملڪ ۽ سيف الله ابڙي ۾ ڏند چڪ

اسلام آباد (م ڊ) سينيٽ جي پيٽروليم بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ مصدق ملڪ ۽ سيف الله ابڙي ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي. اجلاس ۾ سينيٽر سيف الله ابڙي پاڪستان ايل اين جي جي مسعود نبي کان سوال ڪيو ته اڳوڻي حڪومت ۾ ايل اين جي سستي هئي ته خريد ڇو نه ڪئي وئي؟ ان تي مملڪتي وزير مصدق ملڪ چيو ته توهان مون کان سوال ڪيو، سيف الله ابڙي جواب ڏنو ته مون کي لاڳاپيل آفيسر کان پڇڻ ڏنو، مملڪتي وزير ته ڪميٽي ۾ ويهي به نٿو سگهي. مصدق ملڪ ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ته جيڪڏهن مان نٿو ويهي سگهان ته گهرايو ڇو ويو؟ توهين نه ڪيو مان وڃان ٿو. مصدق ملڪ جي ڪاوڙ تي ڪميٽي چيئرمين چيو ته اهڙي ڳالهه ناهي توهان ويهو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں