ڪراچي (بيورو رپورٽ) باخبر ذريعن موجب سنڌ گريجوئيٽ ايسوسيئيشن جي چيئرپرسن مهتاب اڪبر راشدي ۽ سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي جي ميمبر سليم ميمڻ پنهنجن عهدن تان استعيفائون ڌئي ڇڏيون آهن، روزاني سنڌ کي ڀروسي جوڳن ذريعن ٻڌايو آهي ته ڪالهه ڪراچي ۾ سگا جي سي اي سي جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ عهديدارن ۽ ميمبرن وچ ۾ مختلف اينجنڊائن تي اختلاف سامهون آيا، جنهن جي ردعمل ۾ مهتاب اڪبر راشدي چيئرپرسن جي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، جڏهن ته سي اي سي جي ميمبر سليم ميمڻ به پنهنجي استعيفيٰ ڏني آهي.
