لانگ مارچ آڪٽوبر ۾ ئي ٿيندو، آرمي چيف جي مقرري ۾ نواز ۽ زرداري کي شامل نه ڪيو وڃي: عمران خان

اسلام آباد (بيورو) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته مارچ آڪٽوبر ۾ ئي ٿيندو، جڏهن ته آرمي چيف جي مقرري ۾ نواز شريف ۽ آصف زرداري شامل نه ٿين. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عمران خان چيو ته حڪومت ۾ شامل سڀني جماعتن گڏجي چونڊ وڙهي، قوم انهن کي واضح طور رد ڪري ڇڏيو، ڪراچي جي چونڊ هارائي اٿم پر پ پ کليل ڌانڌلي ڪئي، سنڌ جو اليڪشن ڪمشنر حڪومت جي پي رول تي هو، ڪراچي ۾ ٻيهر چونڊ ڪرائي وڃي. هن چيو ته اهي ملڪ کي تيزي سان ڏيوالي ڏانهن وٺي وڃي رهيا آهن، اڳ به اهي ٻه ڀيرا پاڪستان کي ڏيوالو ڪري ڇڏي ويا،  مان ۽ شوڪت ترين اسٽيبلشمينٽ کي پيغام موڪليو ته اهي معيشت نه سنڀالي سگهندا، اهو ملڪ جو نٿا سوچين. سندس چوڻ هو ته ملڪي مسئلن جو حل رڳو صاف شفاف چونڊن ۾ آهي، جيستائين سياسي استحڪام نه ايندو معيشت ٺيڪ نه ٿيندي، اهي چونڊن کان ڊڄن ٿا، هاڻ به چوان ٿو ته چونڊن جو اعلان ڪيو، جيڪڏهن چونڊن جو اعلان نه ڪيو ويو ته مان مارچ جو اعلان ڪندس. عمران خان چيو ته مان وقت ڏئي رهيو آهيان، آڪٽوبر کان اڳتي نه وينداسين، ڪنهن به وقت اعلان ڪري ڇڏيندس، منهنجو مارچ آڪٽوبر ۾ ئي ٿيندو، هاڻ به وقت اٿوَ ملڪ خاطر چونڊون ڪرائي ڇڏيو، مان مارچ جو اعلان ڪيو ته عوام روڊن تي هوندو، مان جيڪا تياري ڪري رهيو آهيان راڻا ثناءُ الله کي موقعو ئي نه ملندو. تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته آرمي چيف جي مقرري ميرٽ تي ٿيڻ گهرجي، مقرري ۾ نواز شريف ۽ آصف زرداري شامل نه ٿين. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران آرمي چيف جي مقرري تي عمران خان چيو ته ڇا اهي اهل آهن جو آرمي چيف جي مقرري ڪن؟ سڄي دنيا ۾ ميرٽ تي مقرريون ٿينديون آهن، اهي ماڻهو ڪرپٽ آفيسرن کي آڻيندا آهن، ڇو ته ڪرپٽ ماڻهو ڪنٽرول ٿي سگهن ٿا. هن چيو ته آرمي چيف جي مقرري ۾ ڪنهن به صورت ۾ نواز شريف ۽ آصف زرداري شامل نه ٿين، آرمي چيف ميرٽ تي مقرر ٿئي، اهو نه عمران خان جو هجي نه ٻئي ڪنهن جو، منهنجي دل چاهي ٿي ته نواز شريف اچي ۽ منهنجو ان سان مقابلو ٿئي. سندس چوڻ هو ڪير چاهي ٿو ته توهان جو ملڪي ادارن سان مقابلو ٿئي، مان ڀرپور ڪوشش ڪئي ته ادارن جو نقصان نه ٿئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں