واشنگٽن (پ ر) سانا جي اڳواڻن ڊاڪٽر مقبول هاليپوٽو، مشتاق راجپر، خالد هاشماڻي تقريب کي خطاب ڪندي چيو آهي ته جيئن اسان واعدو ڪيو، اسان جي مهم سانا جي ميمبرن کي پنهنجي پروگرام جي ايجنڊا کان آگاهي ڏيڻ هوندو. ان سلسلي ۾ هي تقريب منعقد ڪئي آهي. اسان جي ڪميونٽي جي تنظيم کي گڏيل مفادن ۽ مقصدن تحت ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڊاڪٽر سرفراز ميمڻ، ڊاڪٽر حفيظ عباسي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته هي اسان جو مسلسل ٽيون پروگرام آهي، جيڪو واشنگٽن ڊي سي ۾ منعقد ڪيو ويو آهي. تنهن ڪري اسان انهن دوستن جا شڪر گذار آهيون، جن اسان جي پروگرام ۾ پنهنجي گهر ڀاتين سان شامل ٿي اسان کي عزت بخشي آهي. تقريب جي آخر ۾ سوالن جوابن جي نشست ۾ ميمبرن کي سانا جي خدمتن کان واقف ڪيو ويو ۽ مستقبل جي رٿابندي بابت آگاهي ڏني وئي.
