ٺاروشاھ: زيادتي جو نشانو بڻيل بسما ميمڻ ۽ جوابدار عمران راجپوت وارو مامرو نئون رخ اختيار ڪري ويو

ٺاروشاھ (ن س) ٺاروشاھ زيادتي جو نشانو بڻيل بسما ميمڻ ۽ جوابدار عمران راجپوت وارو مامرو نئون رخ اختيار ڪري ويو، رات جي پيٽ ۾ ڪائونسلرن جي مداخلت بعد پيار جي پرڻي ۾ تبديل ناري جو نڪاح جوابدار سان ڪرايو ويو طلاق جي صورت ۾ 25 لک ۽ 5 تولا سون ڏنڊ جو شرط رکيو ويو جوابدار کان نڪاح نامي جون صحيع لاڪ اپ ۾ ورتيون ويون، ڌريون کير کنڊ مٽائي تقسيم خبر موجب ٺاروشاھ ڪرنالي محلا جي رهواسڻ نائين ڪلاس جي شاگردياڻي بسما ميمڻ سان جوابدار عمران جو گذريل رات دير سان ڪائونسلر عبدالروئوف خانزاده ۽ سيد احمد شاھ جي سرپنچي هيٺ نبيرو ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ ناري جو پي اظهر ميمڻ ۽ جوابدار ڌر جو ڀاءُ ممتاز علي راجپوت کي ناري بسما ميمڻ ۽ پريمي جوابدار عمران راجپوت سان نڪاح لاءِ رضا مندي ظاهر ڪئي جنهن بعد رات جي پيٽ ۾ نڪاح ڪرايو ويو جڏهن ته جوابدار عمران راجپوت کان لاڪ اپ ۾ نڪاح نامي تي صحيع ورتي وئي نڪاح نامي ۾ ناري کي طلاق ڏيڻ جي صورت ۾ 25 لک ۽ 5 تولا سون ڏنڊ جي رقم جو شرط رکيو ويو جڏهن ته نڪاح نامي بعد ڌريون کير کنڊ ٿي ويون جڏهن ته ناري بسما ميمڻ پاران زيادتي ۽ بليڪ ميل وارو داخل ڪيل ڪيس تان جوابدارن عمران راجپوت سندس ڀاءُ ممتاز راجپوت ۽ دوست سرمد ميمڻ تان هٿ کڻندي جڏهن ته ڌرين جي کير کنڊ ٿيڻ تي خوشي وچان مٽايون تقسيم ڪيون ويون ياد رهي ته 4 ڏينهن اڳ بسما ميمڻ کي شادي جو آسري ۾ عمران راجپوت پاران سندس دوست سرمد ميمڻ جي فيس بڪ آئيڊي تي فحش تصويرون وائرل ڪري بليڪ ميل ڪرڻ تي ناري پاران ڪيس داخل ڪيو ويو هيو جنهن ۾ هڪ جوابدار عمران راجپوت گرفتار ٿيل هيو جڏهن ته ٻن جوابدارن سرمد ميمڻ ۽ ممتاز راجپوت ضمانت تي هيا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں