ڪراچي (م ڊ) اليڪشن ڪمشنر سنڌ اعجاز انور چوهاڻ، تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي اين اي 237 ملير ۾ ڌانڌلي جي الزامن ۽ ري پولنگ جي مطالبي تي چيو آهي ته ڇا عمران خان ڪورنگي ۾ ٿيندڙ ننڍي چونڊ جي ري پولنگ جو به مطالبو ڪندو؟ اليڪشن ڪمشنر سنڌ اعجاز انور چوهاڻ چيو ته مون تي لڳايل الزام بي بنياد آهن، انهن جي سختي سان ترديد ۽ مذمت ڪيان ٿو، وڏي سياسي جماعت جي سربراهه طرفان آئيني اداري جي عهديدار بابت اهڙي بيان جي اميد نه هئي. هن چيو ته ملير ۽ ڪورنگي ٻنهي تڪن ۾ اليڪشن ڪميشن ئي چونڊ ڪرائي، جتي عمران خان کٽيو اتي ڌانڌلي ناهي، جتي هاريو اتي ڌانڌلي؟ عمران خان ڪورنگي ۾ به ري پولنگ جو مطالبو ڪري.
