ڪراچي (بيورو) پاڪستان فشر فوڪ فورم طرفان خوراڪ جي عالمي ڏينهن تي موسمياتي تبديلين ۽ مهانگائي جي اثرن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاج ۾ پاڪستان فشر فوڪ فورم جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري سعيد بلوچ، انفارميشن سيڪريٽري ايوب شان خاصخيلي، مجيد موٽاڻي، طالب ڪڇي، آواز ڪميونٽي ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن جي چيئرمين اعجاز ميربحر، ايڇ آر سي چيئرمين اسد بٽ، قاضي خضر، اعجاز ميربحر، ڪوثر ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته موسمياتي تبديلين جي اثرن ۽ آءِ ايم ايف پاران آيل مهانگائي سبب کاڌ خوراڪ، صحت ۽ تعليم حاصل ڪرڻ ۾ سخت مشڪلاتون پيدا ٿي ويون آهن، جنهن ڪري غريب مهاڻن، هارين ۽ مزدورن جو گذر سفر مشڪل ٿي ويو آهي. پاڪستان فشر فوڪ فورم جي جنرل سيڪريٽري سعيد بلوچ چيو ته عالمي سطح تي مهانگائي ۽ تيل اگهن ۾ واڌ سبب مهاڻن جو روزگار ٺپ ٿي ويو آهي. پاڪستان فشر فوڪ فورم ڪراچي جي صدر مجيد موٽاڻي چيو ته تيل جي اگهن ۾ واڌ سبب مهانن جو روزگار سخت خطري ۾ آهي، هي خطرناڪ وقت آهي، پاڪستان ۾ روزگار ۽ کاڌي پيتي جي نظام ۾ فوري ۽ تبديلي جي ضرورت آهي. پاڪستان فشر فوڪ فورم مطالبو ڪيو ته عام واهپي جي شين جي اگهن تي فوري طور ڪنٽرول ڪيو وڃي، عالمي سطح تي ٿيندڙ تبديلين بابت پاڪستان ۾ آگاهي مهم هلائي وڃي، مهاڻن، هارين ۽ ٻين شهرين جي روزگار لاءِ تڪڙا اپاءُ ورتا وڃن.
