سنڌ ۾ وڏيرا شاهي تعليم جي مخالف آهي:حيدرآباد ۾ ورڪشاپ

حيدرآباد(اسٽاف رپورٽر)سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن پاران پيپلز اسڪول پروگرام جي معياري اصولن تحت تعليم ڏيڻ لاءِ  ڪالهه حيدرآباد جي مقامي هوٽل ۾ ورڪشاپ ڪوٺايو ويو. ان موقعي تي ڪنسلٽنٽ ڊاڪٽر فاطمه ڊار فريم ورڪ تي تفصيل بيان ڪيو ۽ سمجهايو ته ڪهڙي طريقي سان معياري تعليم جي چڪاس ڪئي وڃي. ان موقعي تي سنڌ ايجوڪشن فائونڊيشن جي مئنيجنگ ڊاريڪٽر ڪبير قاضي، ڊپٽي مئنجنگ ڊاريڪٽر صدف انيس شيخ، ريجنل هيڊ نواب ظفر علي ۽ ٻين خطاب ڪيو ۽ ورڪشاپ کي ساراهيو. هنن  تعلمي سرگرمين بابت پنهنجا ويچار ونڊيا. هنن چيو ته سنڌ ۾وڏيراشاهي ئي تعليم جي سخت مخالف آهي. سنڌ جو وڏيرو نه ٿو چاهي، ته غريب جو ٻار پڙهي لکي اعليٰ تعليم حاصل ڪري . تقريرون ڪندڙن چيو ته جيڪڏهن غريب ٻار پڙهي اعليٰ تعليم حاصل ڪري ويندو ته هو وڏا وڏا عهدا ماڻي سگهي ٿو. ان ڪري وڏيرو سمجهي ٿو ته غريب جو ٻار اسان سان برابري ڪري ويندو. ان ڪري سنڌ جي مختلف هنڌن تي، مختلف بهانن سان اهڙن وڏن ماڻهن پاران تعليم ۾ رڪاروٽون وڌيون وڃن ٿيون. هنن چيو ته سنڌ ۾ تمام گهڻي غربت آهي، جنهن سبب غريب ٻار معياري تعليم کان محروم آهي .سنڌ ۽ اسان جو ملڪ فقط تعليم جي زريعي ئي ڪاميابي حاصل ڪري سگهي ٿي. ان ڪري اسان سڀني کي تعليم ۾ ڪاميابي جي زريعي ئي ان ڪاميابي کي حاصل ڪرڻ لاءِ علائقي جي هر ٻار کي تعليم ۾ اڳتي آڻڻ گهرجي. سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن ان مقصد تحت سنڌ جي هر ٻار کي معياري تعليم ڏيڻ لاءِ پيپلز اسڪول پروگرام شروع ڪيو ويو آهي.جتي ڪنهن به نجي اسڪول سسٽم کان وڌيڪ معياري تعليم ڏني وڃي پئي. ان موقعي تي پيپلز اسڪول پروگرام جا پارٽنرز ،سڄي سنڌ مان آيل سيف جا ريجنل ڊاريڪٽر ، ضلعي سربراهن  ۽ استادن شرڪت ڪئي.ان موقعي تي ايم ڊي عبدالڪبير قاضي، سيف پارٽنرز کي 10 لک رپيا انتظامي خرچن جي مد ۾ ڏيڻ جواعلان ڪيو. جڏهن ته ان موقعي تي سيف پاران ڪنسلٽنٽ ڊاڪٽر فاطمه ڊار کي شيلڊ ۽ گلدستو پڻ ڏنو ويو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں