شاهه زيب قتل ڪيس، سپريم ڪورٽ شاهه رخ جتوئي سميت سمورن جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد ( بيورو )  سپريم ڪورٽ شاهزيب قتل ڪيس ۾ شاهه رخ جتوئي کي بري ڪري ڇڏيو آھي. جسٽس اعجازالااحسن جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ڪيس ٻڌڻي دوران جوابدارن جي وڪيل لطيف کوسا دليل ڏيندي چيوته ڌرين ۾ پهرين ٺاهه ٿي چڪو آهي جوابدارن طرفان دهشت پکيڙڻ جو ارادو نه هو. جنهن بعد عدالت فيصلو ٻڌائيندي شاهه زيب قتل ڪيس جي مک جوابدار شاهه رخ جتوئي ۽ ٻين جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو. ياد رھي تھ 25 ڊسمبر 2012 تي درخشان ٿاڻي جي حد ۾ 20 ورھين جي نوجوان شاھه زيب کي پنھنجي ڀيڻ جي شادي تان گھر واپسي تي ڪراچي جي ڊفينس واري علائقي ۾ قتل ڪيو ويو ھو. شاھه زيب قتل ڪيس ۾ ٽرائل ڪورٽ شاھه رخ جتوئي ۽ نواب سراج ٽالپور کي موت جي سزا ٻڌائي ھئي، جڏھن تھ جوابدار نواب سجاد  ۽ غلام مرتضيٰ کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي وئي ھئي. سنڌ ھاءِ ڪورٽ ٽرائل ڪورٽ جو فيصلو تبديل ڪندي چئني جوابدارن کي عمر قيد ٻڌائي ھئي، جڏھن تھ جوابدارن عمر قيد خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيلون داخل ڪري رکيون ھيون.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں