قمبر ۾ ٻوڏ متاثرن جو واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو

قمبر(ڊ ر)قمبر جي مختلف ڳوٺن ڪور سليمان،دين پور،ڳڙهي رضا محمد شابراڻي،بٺي لشڪر، بوهڙ ۽ ٻين ڳوٺن جي ٻوڏ متاثرن جو واهر نه ٿيڻ خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ان موقعي تي عبدالرحمان شابراڻي،رشيد احمد، غلام مرتضي شابراڻي،مشتاق شابراڻي ۽ ٻين چيو ته ٻوڏ دوران اسان جا گهر ڊهي پٽ پئجي ويا زرعي زمينون ٻڏي تباهه ٿي ويون ڪيترن مهينن کان بي يارو مددگار ڳوٺن ترسيل آهيون اسان جي ضلعي انتظاميا طرفان اسان کي ڪابه بنيادي سهولت نه ڏني آهي ڊٺل گهرن ۾ کلي آسمان ۾ ويٺل آهيون کائڻ لاءِ ڪجهه به نه بچيو آهي معصوم ٻچڙا بکن تي پاهه ٿي ويا آهن چونڊيل نمائندن ۽ ضلعي انتظاميا جي درن تي ڌڪا کائي ٿڪجي پيا آهيون خدارا اسان جي واهر ڪري کاڌ خوراڪ ڏئي ڳوٺن مان پاڻي ڪڍرائي ڏنو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو،،

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں