لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي شيخ زيد وومين اسپتال ۾ ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن جي سهڪار سان ڳورهاري عورتن ۾ موت جي شرح کي روڪڻ بابت ورڪشاپ ڪوٺايو ويو جنهن ۾ ڊبليو ايڇ او جي ڪنٽري هيڊ ڊاڪٽر پليتا مهيپالا، ڊبليو ايڇ او سنڌ جي پراونشل هيڊ ڊاڪٽر سارہ، ڊائريڪٽر هيلٿ لاڙڪاڻو ڊاڪٽر رستم ڀٽو، چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي پرنسپال ڊاڪٽر ضمير سومرو، ڊي ايڇ او لاڙڪاڻو سيد اطھر شاهه، ڊاڪٽر سرور علي شاهه، پروفيسر ڊاڪٽر شاهده مگسي سميت عورتن ۽ ٻارن جي بيمارين جي ماهر پروفيسرن ۽ ڊاڪٽرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ورڪشاپ ۾ ماهر ڊاڪٽرن ماءُ جي صحت جي حوالي سان تفصيلي ڄاڻ ڏني ۽ چيو ته شادي شده عورت شادي بعد خاص وقت تي پنهنجون ٽيسٽون ڪرائڻ سان گڏ ماهر ليڊي ڊاڪٽر کان بروقت طبي معائنو ڪرائڻ جي ضرورت آهي ۽ گڏوگڏ پيٽ ۾ ٻار جي تصديق بعد ماءُ کي پنهنجي صحت جو خاص خيال رکڻ گهرجي. هنن چيو ته ڳورهاري عورتن کي هر مهيني ڪنهن گائنالاجسٽ ڊاڪٽر کان چڪاس جي ضرورت آهي جنهن سان ماءُ ۽ سندس پيٽ ۾ پلجندڙ ٻار جي صحت ۾ بهتري ايندي. هنن چيو ته ڏورانهن توڙي ٻهراڙين وارن علائقن ۾ اڄ به ڳورهاري عورتون طبي معائنو ڪرائڻ بجاءِ دائين ۽ غيرتجربيڪار عورتن کان معائنو ڪرائينديون جنهن سان ان ڳورهاري عورت ۽ ٻار جي صحت تي ناڪاري اثر پوندا آهن. هنن چيو ته ٻهراڙين ۽ ڏورانهن علائقن ۾ دائين ذريعي ويم ڪرائيندڙ اڪثر عورتن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سرڪاري اسپتالن ڏانهن نيو ويندو آهي جتي گهڻو رت وهڻ، بلڊپريشر ۾ واڌ يا گهٽائي، شگر توڙي ٻين مرضن جي ڪري اهي عورتون فوت ٿي وڃن ٿيون جنهن جو الزام ڊاڪٽرن مٿان لڳايو ويندو آهي. هنن چيو ته ڳورهاري عورتن کي ويم لاءِ فوري طور ويجهي اسپتال ۾ داخل ڪرائڻ گهرجي جنهن سان انهن جي موت جي شرح کي گهٽائي سگهجي ٿو. هنن چيو ته ڳورهاري عورتن ۾ موت جي شرح کي گهٽائڻ لاءِ ڊبليو ايڇ او طرفان سنڌ جي سرڪاري اسپتالن ۾ مختلف پراجيڪٽ شروع ڪيا ويا آهن جن ذريعي ماهر ڊاڪٽرن ۽ طبي عملي کي آگاهي ڏني پئي وڃي جيئن ڳورهاري عورتن ۾ موت جي شرح کي گهٽائي سگهجي. هوڏانهن ڊبليو ايڇ او جي ٽيم لاڙڪاڻي جي شيخ زيد وومين ۽ شيخ زيد چلڊرين اسپتالن جو دورو ڪيو جتي عورتن ۽ ٻارڙن کي ملندڙ طبي سهولتن بابت ٽيم کي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي بعد ۾ ڊبليو ايڇ او جي ٽيم ڊي ايڇ او آفيس جو پڻ دورو ڪري ڄاڻ ورتي.
