لاڙڪاڻي ۾ پيرا ميڊيڪل جو مطالبن جي مڃتا لاءِ ڌرڻو

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ پيرا ميڊيڪل الائنس سنڌ جي سڏ تي پاڪستان پيرا ميڊيڪل اسٽاف، ينگ ڊاڪٽرس ايسوسئيشن ۽ ينگ نرسز ايسوسئيشن طرفان رسڪ الائونس واپس وٺڻ خلاف لاڙڪاڻي جي چئني سرڪاري اسپتالن سول اسپتال، چانڊڪا ٽيچنگ اسپتال، شيخ زيد چلڊرين اسپتال ۽ شيخ زيد وومين اسپتال جي جي او پي ڊي جو ٻئين ڏينهن به بائيڪاٽ ڪري سٽي او پي ڊي ٻاهريان ڌرڻو هنيو ويو جتي هنن سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي صدر شاهي خان جاگيراڻي،  ذوالفقار علي سهتو، ڊاڪٽر فضل کوسو، غلام حسين جلباڻي، غلام مصطفيٰ ڪلهوڙو، خليل احمد جتوئي ۽ ٻين چيو ته پوري سنڌ ۾ گذريل ٻن مهينن کان پيرا ميڊيڪل عملو نه صرف شهرن پر ڏورانهن ۽ خطرناڪ علائقن ۾ وڃي متاثرن کي طبي امدادي ڏيڻ سان گڏ اسپتالن ۾ ڏينهن رات ڊيوٽيون ڪري ماروئڙن جي سار سنڀال لهي انهن جي خدمت ۾ مصروف آهي اهڙي جنگي حالتن ۾ سنڌ حڪومت طرفان پيرا ميڊيڪل عملي کي ملندڙ رسڪ الائونس واپس وٺي نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ پيرا ميڊيڪل عملي کي انساني خدمتن عيوض کين سزا ڏيڻ برابر عمل آهي جنهن جي اسين سخت مذمت ڪيون ٿا. هنن سنڌ جي وڏي وزير، صحت کاتي جي صوبائي وزير ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين کي اپيل ڪئي ته فوري طور رسڪ الائونس وارو نوٽيفڪيشن واپس وٺي پيرا ميڊيڪل عملي ۾ ڇانيل بيچيني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت احتجاج جو دائرو وسيع وڌائي سنڌ جي سمورن اسپتالن جي تالابندي ڪئي ويندي. هوڏانهن پيرا ميڊيڪل جي بائيڪاٽ ۽ احتجاج سبب ڏورانهن علائقن مان علاج لاءِ ايندڙ مريضن کي سخت مشڪلاتن جو منهن ڏسڻو پئجي ويو جيڪي ڪيترائي ڪلاڪ سٽي او پي ڊي ٻاهريان انتظار ڪرڻ بعد بغير علاج ۽ دوائن جي گهرن ڏانهن روانا ٿي ويا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں