ملير(ڊ.ر) پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهوڙو پ پ پ ايم اين اي عبدالحڪيم بلوچ، پ پ پ ملير جي صدر سلمان مراد، ضلعي انفارميشن سيڪريٽري مير عباس، نظير ڀٽو، مرتضيٰ يار محمد ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ملير جي ننڍي چونڊ تي پ پ پ اميدوار عبدالحڪيم بلوچ جي ڪاميابي عوام جي فتح آهي، ملير واسين پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان کي رد ڪندي حڪيم بلوچ کي ووٽ ڏئي ثابت ڪيو ته عوام پاڪستان پيپلز پارٽي سان گڏ آهي،پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهوڙو درساڻي ڇني ۾ نئين چونڊيل ايم اين اي عبدالحڪيم بلوچ جي رهائش گاهه تي پريس ڪانفرنس ڪندي وڌيڪ چيو ته سنڌ جي عوام کان ووٽ گهرندڙ عمران نيازي سنڌ جي برسات متاثرين لاءِ ڪجهه به نه ڪيو آهي،ملير جي عوام عبدالحڪيم بلوچ کي ڪامياب ڪري عمران خان کي رد ڪري ڇڏيو آهي،پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن کي ملير ۽ ملتان جي سيٽن تي ڪاميابي جون مبارڪون هجن، هن چيو ته ايم ڪيو ايم گروپ بندي جو شڪار ٿي وئي آهي، ايم ڪيو ايم جا چار ڌڙا هجڻ سبب پريشاني جو شڪار آهن، هن چيو ته عمران خان جي دور ۾ پاڪستان دنيا ۾ اڪيلو ٿي ويو بلاول ڀٽو زرداري جي ڪوشش سان اڄ دنيا پاڪستان سان گڏ آهي، هن چيو ته طاقت جو سرچشمو عوام آهي، عوام جي طاقت سان سڀ ڪجهه ممڪن ٿي سگهي ٿو، نثار کهوڙو چيو ته عمران خان مشهور ٿيڻ جي چڪر ۾ اليڪشن ڪميشن ۽ پاڪستان جي غريب عوام جي ٽيڪس جي پئسن کي ضايع ڪري رهيو آهي،اسيمبلي تان استيفيٰ ڏيڻ بعد ٻيهر بيهڻ ۽ وري اهو چوڻ ته آئون اسيمبلي ۾ نه ويندس اها هڪ وڏي مذاق آهي، هن چيو ته پاڪستان ۾ پهريون دفعو عدم اعتماد جي تحريڪ ڪامياب ٿي جنهن کانپوءِ عمران خان کي اپوزيشن ۾ ويهڻ گهرجي هان پر هن ايئن نه ڪيو عمران خان وزير اعظم هجي هان ته اسيمبلي صحيح آهي اقتدار نه هجي ته اسيمبلي ۾ خراب ٿي وڃي ٿي، عمران خان کي صرف اقتدار جي بک آهي، هن چيو ته عمران خان قومي اسيمبلي جي ضمني چونڊن ۾ اميدوار نه مليا جنهن ڪري هو سمورن تڪن تي پاڻ اليڪشن وڙهيو،نثار کهوڙو وڌيڪ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ ۾ بلدياتي چونڊون ڪرايون آهن صرف ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ چونڊ نه ٿي سگهي آهي جنهن جو فيصلو اليڪشن ڪميشن ڪندي سنڌ حڪومت جي حق ۾ نه آهي،هن چيو ته بلدياتي چونڊون ملتوي ٿيڻ جو سبب سنڌ ۾ آيل ٻوڏ ۽ برساتن سبب سنڌ پوليس ۽ ٻيا ادارا ريسڪيو جي عمل ۾ مصرف هجڻ جو سبب آهي جنهن ڪري اليڪشن ڪميشن کي خط لکيو ويو، هن چيو ته 2018 جي عام چونڊن ۾ اين اي 237 تي حقيقي طور عبدالحڪيم بلوچ ڪامياب ٿيو هو جنهن کي زبردستي 1400 جعلي ووٽن سان هارايو ويو، ننڍي چونڊ ۾ پ پ پ اميدوار عبدالحڪيم بلوچ جي ڪاميابي مان ثابت ٿيو ته اها سيٽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي هئي ۽ آهي، عبدالحڪيم بلوچ ۽ ملير جي جيالن کي ڪاميابي جون مبارڪون ڏيان ٿو، هن چيو ته عمران خان اعلان ڪيو آهي ته اسيمبلي ۾ نه ويندس ته پوءِ اليڪشن وڙهڻ جو ڪهڙو فائدو ۽ حڪومت توڙي عوام جا پئسا ضايع ڪري رهيو آهي، ان موقعي تي نئين چونڊيل ايم اين اي عبدالحڪيم بلوچ چيو ته ننڍي چونڊ ۾ مليل ڪاميابي تي پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪو چيئرمين آصف علي زرداري سميت سموري پارٽي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جو ٿورائتو آهيان ملير واسين ثابت ڪيو ته ملير پيپلز پارٽي جو مضبوط قلعو آهي، ملير کي فتح ڪرڻ جو خواب ڏسندڙن کي مايوسي ٿي آهي انشاالله قومي اسيمبلي ۾ وڃي ملير واسين جي لاءِ آواز بلند ڪندس ۽ سندن بنيادي مسئلا ۽ علائقي جي ترقي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندس
