ميرپورخاص ۾ صحت کاتي جي ملازمن جو احتجاجي مظاهرو

ميرپورخاص(بيورو رپورٽ)سنڌ حڪومت پاران صحت کاتي جي ملازمن جو رسڪ الائونس بند ڪرڻ خلاف گرينڊ ھيلٿ الائنس جي سڏ تي ميرپورخاص صحت کاتي جي ڊاڪٽرن، پيرا ميڊيڪل عملي، نرسز اسٽاف ، ليڊي هيلٿ ورڪرن  پاران 02 ڏينهن سول اسپتال۾  ھڪ ڪلاڪ او پي ڊي جو بائڪاٽ ڪري ھٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي ان موقعي تي مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن ، ڊاڪٽر ليکراج راٺوڙ ،  ڊاڪٽر ماجد پٺاڻ، ڊاڪٽر سنيل، اعجاز ڪانھيو، رياض سومرو، شاھنواز ڪانگريس  ۽ ٻين چيو ته سنڌ حڪومت پاران رسڪ الائونس بند ڪري صحت کاتي جي ملازمن سان وڏي زيادتي ڪئي وئي آهي اسان تسليم ٿا ڪريون ته ڪرونا وبا ختم ٿي چڪي آهي پر ھن وقت ڊينگي وائرس سميت ٻيا ڪيترائي خطرناڪ وائرس موجود آهن جنھن سبب هر وقت صحت کاتي جا ملازم رسڪ تي آھن ھينئر صوبي ۾ ٻوڏ واري صورتحال ھجڻ سبب صحت کاتي جا ملازم 24 ڪلاڪ ڊيوٽيون ڪري رهيا آهن پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي سنڌ حڪومت ملازم دشمن فيصلو ڪيو آهي ھنن سنڌ حڪومت کان پرزور مطالبو ڪندي چيو ته فوري طور بند ڪيل الائونس کي اسان جي پگھارن۾ شامل ڪري لکين ملازمن۾ پکڙيل بي چيني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت سڄي صوبي ۾ مڪمل او پي ڊي جو بائڪاٽ ڪري ڪراچي م سي ايم هائوس اڳيان ڌرڻو ھنيو ويندو

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں