نوشهروفيروز (ڊ ر) نوشهروفيروز شهر جي انصاف چوڪ ،پڊعيدن روڊ،مٺياڻي روڊ،نيشنل هاٰءِ وي روڊ ،الله واري چوڪ سميت شهر جي سمورين ڪالونين اندر گندو پاڻي بيهي وڃڻ ڪري شهري ،بيمار مريض اسڪولن ڏانهن ايندڙ معصوم ٻارڙا گندي پاڻي ۾ ڪرڻ سبب زخمي ٿيڻ روز جو معمول بڻيل پر ضلعي ۽ ميونسپل ڪاميٽي جي انتظاميان جي ڪن تي جون به نه چري جن جي اهڙي عمل خلاف ڊاڪٽر ابراهيم ميمڻ،ڊاڪٽرعبدالله تنيو،ڊاڪٽر ممتاز سومرو ،عندالقاد مري،جاني تڳر ۽ ٻين پاران انصاف چوڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ميونسپل ڪاميٽي ۽ ضلعي انتظاميان خلاف نعري بازي ڪندي اڳواڻي ڪندڙن چيو ته نوشهروفيروز شهر جي حالت ڏسي ائين ٿو محسوس ٿئي ڄڻ گندي پاڻي جي نالين مان اندان گزر ٿي رهيو آهي. شهر جا سمورا روڊ رستا گندي پاڻي ۾ ٻڏل آهن پر ضلعي توڻي ميونسپل ڪاميٽي جي انتظاميان کي ڪو شرم حياءُ ناهي ته هوءَ شهر جي مين روڊ رستن تان گندو پاڻي ڪڍرائي هنن چيو ته هتان جا چونڊيل نمائدا پڻ الائي ڪاٿي غائب ٿي ويا آهن جو انهن کي شهر جي سموري ڪاروباري روڊ رستن تي بيٺل گندو پاڻي نظر نٿو اچي شايد هنن پنهنجي اکين مٿان نظر جا ڪارن شيشن وارا اهڙا چشما چاڙهي ڇڏيا آهن جو کين روڊ رستن مٿان نالين جيان وهندڙ گندو پاڻي ڏسڻ ۾ نٿو اچي جنهن پاڻي ۾ روزانو گهران نيون ڍيسون پائي تيار ٿي اسڪولن ڏانهن ويندڙ معصوم ٻارڙا ڪري رووندا گهرن ڏانهن موٽي اچن ٿا آخر اسان نوشهروفيروز جي شهرين انتظاميان ۽ چونڊيل نمائدن جو اهڙو ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي. جو اهي هٿ سان نااهلي جي انتها ڪري اسان کي گندي پاڻي مان لگهڻ تي مجبور ڪري رهيا آهن هنن سنڌ جي وڏي وزير ۽ چيف سيڪريٽري کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي آهي ته شهر مان گندو پاڻي ڪڍي نااهل انتظاميان خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي ٻئي صورت ۾ اسان جو احتجاج جاري رهندو
