اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اعتزاز احسن خلاف ڪيپٽن(ر) صفدر جي توهين عدالت جي درخواست اُڪلائي ڇڏي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله پيپلز پارٽي جي اڳواڻ اعتزاز احسن جي تڪراري بيان تي ڪيپٽن(ر) صفدر طرفان داخل ڪيل توهين عدالت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. درخواستگذار جي وڪيل چيو ته سينئر قانوندان اعتزاز احسن عدليه ۽ ادارن خلاف بيان ڏنو جنهن کي ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي تمام گهڻي ڪوريج ملي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ هڪ فيصلي تي تنقيد ڪئي وئي جنهن جو اڃان تائين تفصيلي فيصلو به سامهون ناهي آيو. چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته جيڪڏهن پاڪستان بار ڪائونسل يا ڪنهن به بار کي هن عدالت تي شڪ هجي ته ٻڌائين ڇا ڪنهن کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي غير جانبداري تي شڪ آهي؟ جيڪڏهن ناهي ته ڪنهن جي غير ذميواراڻي بيان تي ڌيان ڇو ڏيون؟ اسان جا ڏنل فيصلا اهو طئي ڪندا ته ماڻهن جو هن عدالت تي ڪيترو ڀروسو آهي. چيف جسٽس چيو ته هي عدالت ڪنهن کان غير ضروري وضاحت طلب نه ڪندي ه، غير ضروري شين کي اهميت ئي نه ڏيڻ گهرجي هي عدالت پنهنجي فيصلن سان سڃاتي ويندي آهي. ٻڌڻي دوران ڪيپٽن صفدر روسٽرم تي اچي چيو ته اسان کي اوهان تي ۽ عدالتي نظام تي پورو ڀروسو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اهو ثابت ڪيو آهي ته هو وقت جي فرعونن خلاف به فيصلو ڏئي سگهي ٿي. مسئلو صرف منهنجي ڪيس جو نه آهي پر 40 سالن کان عدالتن ۾ بيهندڙ شخص اهو بيان ڏنو. جنهن کان پوءِ عدالت اعتزاز احسن خلاف ڪيپٽن(ر) صفدر جي درخواست اُڪلائي ڇڏي.
