راولپنڊي (م ڊ) آرمي چيف جي سربراهي ۾ ٿيندڙ ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس ۾ ايٽمي ڪمانڊ ۽ ڪنٽرول اسٽرڪچر تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي صدارت هيٺ ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ ملڪ جي اندروني ۽ ٻاهرين سيڪيورٽي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. ڪانفرنس ۾ ٻوڏ کانپوءِ رليف ۽ بحالي جي ڪمن جو جائزو ورتو ويو ۽ سنڌ، بلوچستان ۾ ٻوڏ کانپوءِ جي صورتحال تي غور ڪيو ويو، شرڪت ڪندڙن متاثر علائقن ۾ بحالي جي ڪمن ۾ سول انتظاميا جي مدد کي ساراهيو. آءِ ايس پي آر موجب ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ ايٽمي ڪمانڊ ۽ ڪنٽرول اسٽرڪچر تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو ويو. پاڪ فوج جي ترجمان اداري ٻڌايو ته ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ چيو ويو ته پاڪستان ايٽمي هٿيارن سان ليس ذميوار ملڪ آهي ۽ پاڪستان پنهنجي ايٽمي سيڪيورٽي رجيم مضبوط بڻائڻ لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا آهن، ملڪ جي اسٽريٽيجڪ اثاثن جي سيڪيورٽي جا انتظام ڀرپور آهن. ڪانفرنس ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو ته پاڪ فوج هر قسم جي خطرن ۾ ملڪ جي دفاع لاءِ تيار آهي.
