عبدالمجيد بروھي
ضمني اليڪشن جو مرحلو پورو ٿي ويو آھي فلحال جيڪي استعيفائون قبول ڪيون ويون انھن تي الڪيشن ڪميشن پاران پرامن طريقي سان اليڪشن ڪرائي وئي آھي جن سيٽن تي ٻيھر اليڪشن ٿي آھي اھي سڀ سيٽون پي ٽي آءِ وارن جون ڇڏيل ھيون جن سيٽن مان ستن سيٽن تي پي ٽي آءِ سربراھ عمران خان پاڻ اليڪشن ۾ حصو وٺي بيٺو ھيو جڏنھن ته ملتان جي سيٽ تي پي ٽي آءِ جي وائيس چيئرمين شاھ محمود جي ڌيء مھربانو جو مقابلو پ پ پ جي ورڪر موسا گيلاني سان ٿيو ھن ۾ ھڪ خاص ڳالھ اھا آھي ته پي ٽي آءِ جو چيئرمين ضمني اليڪشن جي تيارين لاءِ پرپور ڪوششون ورتيون ھيون پي ٽي آءِ چيئرمين پاران ورڪ مھم جي حوالي سان ھر تڪ واري شھر اندر وڃي پاڻ اليڪشن مھم ھلائيندو رھيو ۽ وڏا جلسا پڻ ڪندو رھيو جڏھن ته پ پ پ سميت ڪنھن به حڪومتي اتحاد پاران ڪو به جلسو نه ڪيو ويو ۽ اليڪشن مھم پڻ نه ھلايون پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو وفاقي وزير ھجڻ جي ڪري اليڪشن مھم ۾ حصو نه وٺي سگھيو جڏنھن ته شھباز شريف پڻ وزيراعظم ھجڻ سبب اليڪشن کان پري رھيو جڏنھن ته مريم نواز ۽ حمزا شھباز تي اليڪشن مھم ھلائڻ جي وڏي ذميداري ھئي پر مريم نواز اليڪشن مھم ۾ حصو وٺڻ بعد ٻاھر ھلي وئي جڏنھن ته حمزا شھباز وزارت اعلا کسجڻ بعد گھر مان ٻاھر نٿو نڪري ان جي ڪري ووٽرن کي گڏ ڪرڻ ۽ انھن کان ووٽ وٺڻ ن ليگ وارا ناڪام رھيا اليڪشن مھم نه ھلائڻ باجود ھتي پ پ پ جي جيالن کي سلام آھي جيڪي در در وڃي پنھنجي چيئرمين جو پيغام عوام وٽ پھچايو جنھن سبب پ پ پ جي ھڪ عام ورڪر پاران پي ٽي آءِ جي سربراھ کي ڪراچي ملير ۾ شڪست ڏني ۽ جنوبي پنجاب ۾ موسا گيلاني پاران شاھ محمود قريشي جي ڌيء کي وڏي مارجن سان شڪست ڏني جڏھن ته پنجاب جي فيصل آباد ننڪانا صاحب جي سيٽن تان ن ليگ وارا صحيح نموني اليڪشن مھم نه ھلائڻ ۽ مريم نواز جي غيرموجودگي سبب انھن سيٽن تان پي ٽي آءِ کي سوڀ ملي چارسدا پشاور ڪراچي جي سيٽن تي جي يوء آء ايم ڪيو ايم وارا ھارائي ويا ان جو سبب صرف ۽ صرف مھنگائي کي قرار نٿا ڏئي سگھو اصل سبب اھو آھي ته ھڪ ته تمام سيٽن تي عمران پاڻ بيٺو ھيو جيڪڏنھن انھن سيٽن تي عمران اتان اڳ وارن اميدوارن کي بيھاري ھا ته شايد اھي ھارائي وڃن ھا ۽ ٻيو سبب اھو ھيو ته جي يو آءِ ۽ ايم ڪيو ايم ۽ اي اين پي وارا پڻ اليڪشن مھم کان پري رھيا جنھن جو فائدو پي ٽي آءِ وارن ورتو ۽ ھرتڪ تي وڏا وڏا جلسا ڪري عوام کي پاڻ طرف متوجا ڪرڻ ۾ ڪامياب ويا ۽ اليڪشن ۾ سوڀ حاصل ڪري ويا جيڪڏنھن پي ڊي ايم سربراھ ۽ ايم ڪيوايم ۽ ن ليگ جي مريم نواز پاران پوري پاڪستان ۾ جن به تڪن تي ضمني اليڪشن ٿي رھي ھئي جيڪڏنھن انھن شھرن ۾ اھي سڀ گڏجي وڏا وڏا جلسا ڪن ھا گڏجي اليڪشن مھم ھلائي عمران خان جي ڪوڙ تي ٻڌل بيانيئي بابت عوام کي بھتر نموني ڄاڻ ڏين ھا ته پوءِ شايد حڪيم بلوچ ۽ موسا گيلاني وانگر جي يو آءِ ن ليگ ايم ڪيو ايم اي اين پي وارا به نيازي کي شڪست ڏيڻ ۾ ڪامياب وڃن ھا بحرحال ھن اليڪشن ۾ ھڪ ڳالھ واضع ٿي آھي ته عمران خان جو گراف ڪجھ برقرار آھي پر سندس مقبوليت ۾ اضافي بدران گھٽتائي ٿي آھي جن تڪن تي پي ڊي ايم وارن کي شڪست ملي آھي ھڪ ته انھن صوبن ۾ پي ٽي آءِ جي صوبائي حڪومتن جي مشينري وڏو ڪردار ادا ڪيو ھن وقت معاملو وري اتي اٽڪيل آھي ته ھاڻي ڇا ٿيندو ھڪ مھيني جي اندر جيڪڏنھن عمران خان چونڊن ۾ کٽيل ستن سيٽن مان ڇھن سيٽن تان دستبردار ٿيو ته پوء ڇا ھڪ ڀيرو ٻيھر انھن تڪن تي ضمني اليڪشن ٿيندي يا قومي اسيمبلي جو اسپيڪر پي ٽي آءِ جي ٻين ٻارنھن ايم اين ايز جون استعيفائون قبول ڪندي اليڪشن ڪرائڻ لاء اليڪشن ڪميشن کي چيو ويندو جيڪڏنھن وڌيڪ سيٽن تي اليڪشن ڪرائڻ جو اعلان ٿئي ٿو ته پوء مريم نواز کي فورن دورو ختم ڪري پاڪستان موٽي اچي اليڪشن مھم جو حصو ٿيڻو پوندو ٻئي صورت ۾ ن ليگ جا ناراض ووٽر گھرن کان ٻاھر نه نڪرندا ۽ ھڪ ڀيرو ٻيھر نيازي جي کٽڻ جي راھ ھموار ٿيندو ان جي ڪري سڀني کي گڏجي نيازي جي فتني کي روڪڻ لاءِ ڪم ڪرڻ گھرجي.
