پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اڄ ملير پهچندو

ملير(ڊ.ر) پ پ پ چيئرمين، وزير خارجه بلاول ڀٽو سڀاڻي (اڄ) ملير مان چونڊيل پاڪستان پيپلز پارٽي جي ايم اين اي عبدالحڪيم بلوچ جي ڪاميابي تي مبارڪبار ڏيڻ لاءِ ملير پهچندو، ان سلسلي ۾ پ پ پ ملير جو هڪ هنگامي اجلاس ضلعي صدر سلمان عبدالله مراد جي صدارت هيٺ ٿيو جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ملير آمد تي شاندار استقبال ڪيو ويندو، چيئرمين کي ملير 15 کان بلوچ هائوس در محمد ڳوٺ درساڻو ڇنو تائين آندو ويندو، چيئرمين جي آڌر ڀاءِ لاءِ ملير مان چونڊيل ايم اين ايز، ايم پي ايز موجود هوندا جڏهن ته پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، عبدالحڪيم بلوچ کي مبارڪباد ڏيڻ بعد ڪارڪنن کي خطاب ڪندو ۽ ميڊيا سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندو

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں