ڪراچي (بيورو رپورٽ) ڪارساز سانحي کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي. ڪارساز سانحي ۾ شهيد ٿيلن کي سرخ سلام پيش ڪيون ٿا. اهڙو اظهار آل سنڌ پيپلز پيرا ميڊيڪل اسٽاف ڪراچي ڊويزن جي صدر نياز احمد خاصخيلي سول اسپتال ڪراچي ۾ هڪ اجلاس دوران ڪيو. سندس چوڻ هو ته 14 سال اڳ ڏيھ ورڻ تي شهيد راڻي بنظير ڀٽو جو قافلو ڪارساز پهتو جتي ظالمن مٿس حملو ڪري بم دهماڪا ڪيا جتي شهيد راڻي بچي وئي. ۽ ڏيڊ سئو پپيپلز پارٽي جا جيالا شهيد ٿي ويا. اجلاس ۾ ڪارساز سانحي ۾ شهيد ٿيلن لاء دعا به گهري وئي. سندس چوڻ هو ته سنڌ سرڪار ڪورونا وائرس رسڪ الائونس بند ڪري پيرا ميڊڪس نرسز ۽ ڊاڪٽرن عملي سان ظلم ڪيو ويو آهي. اسان پنهنجا حق وٺڻ ڄاڻون ٿا. گاوي ويڪسينيٽرن جا به مسئلا جلد حل ڪرايا ويندا. بيورو ڪريسي صرف ايڊمسٽريشن ڪري ٿي. اگر سڀ متحد ٿي پنهنجا حق وٺڻ لاء هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿين ته اسان جي اڳيان ڪير به ڪجھ نٿو ڪري سگهي . اسان ڪنهن جي ڌهمڪين ۾ نه اينداسين. اگر اسان هڪ پيليٽ فارم تي گڏ نه ٿياسين ته اسان جا حق کسيا ويندا. پيرا ميڊيڪس عملي جا ڪورونا الائونس ڪٽجڻ سان فاقا ڪشي ۾ مبتلا ٿي ويندا.نياز احمد خاصخيلي 20 آڪٽومبر تي پريس ڪلب تي احتجاج جو چتاء ڏئي ڇڏيو. اجلاس ۾ سيد منير حسين شاھ.سلمان. غلام علي ميراڻي ۽ ٻين خطاب ڪيو اجلاس ۾ ڪيترن ئي پيرا ميڊيڪل عملي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن پڻ شرڪت ڪئى.
