سانا جي سالياني اليڪشن جو عمل شروع، ٻن پينلن ۾ مقابلو، اميدوارن جي لسٽ پڌري

ڪراچي (خاص عيوضي) سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا جي سالياني اليڪشن جو عمل شروع ٿي ويو آهي. نامينيشن فارم ڀرڻ بعد اليڪشن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن جي لسٽ پڌري ڪئي وئي آهي. تفصيل موجب سال 24-2023ع جي لاءِ چونڊن ۾ ٻه پينل آمهون سامهون آيا آهن، جڏهن ته صدر جي عهدي ۽ نائب صدر جي عهدي لاءِ انفرادي طور ٻه الڳ الڳ اميدوار به سامهون آيا آهن. 8 نومبر کان 15 ڊسمبر تائين آن لائين ووٽنگ جاري رهندي، ان بعد 20 ڊسمبر تي نئين چونڊيل عهديدارن جو اعلان ڪيو ويندو. اليڪشن ڪرائڻ لاءِ 3 رڪني اليڪشن ڪاميٽي چونڊي وئي آهي، جنهن جو چيئرمين ارشاد قاضي، جڏهن ته ميمبرن ۾ سهيل شيخ ۽ ڪليم آخوند شامل آهن. اٽڪل 2300 ميمبر آهن، جيڪي پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪندا. آن لائين ووٽنگ هجڻ سبب 95 سيڪڙو ووٽ ڪاسٽ ٿيڻ جي اميد آهي. چونڊن ۾ حصو وٺندڙ هڪ پئنل جي اڳواڻي ممتاز سماجي اڳواڻ مقبول هاليپوٽو ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ ساڻس جنرل سيڪريٽري لاءِ مشتاق راڄپر، نائب صدر(آمريڪا) اصغر پٺاڻ، نائب صدر (ڪئناڊا) اويس لغاري، جوائنٽ سيڪريٽري علي خاصخيلي، نائب صدر (يوٿ) لاءِ سرهاڻ ميمڻ، انفارميشن سيڪريٽري ڊاڪٽر چندر شيکر، خزانچي لاءِ اعجاز الحق ميمڻ شامل آهن، جڏهن ته ٻئي پئنل جي اڳواڻي غلام محمد الدين مورائي، جڏهن ته سندس پينل ۾ جنرل سيڪريٽري لاءِ ڊاڪٽر ڪرم قلباڻي، نائب صدر (آمريڪا) اشفاق سيهڙ، نائب صدر (ڪئناڊا) راول ڀنماڻي، نائب صدر (يوٿ) فزا شيخ، جوائنٽ سيڪريٽري ڊاڪٽر سبين ڀنگر، انفارميشن سيڪريٽري افتخار ميمڻ، خزانچي لاءِ سنوويا ٻگهيو شامل آهن. ساڳي طرح پينل کانسواءِ انفرادي طور صدر لاءِ ڊاڪٽر سلطان لغاري ۽ نائب صدر لاءِ شعيب ڀٽو اميدوار آهن.

ڪراچي: سانا جي اليڪشن لاءِ مقرر ٿيل اليڪشن ڪاميٽي جي سربراهه ارشاد قاضي “سنڌ” سان ڳالهائيندي چيو آهي ته چونڊن جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، ميمبرن کي ميل ذريعي بيلٽ پيپر موڪليو ويندو. 8 نومبر کان شروع ٿيندڙ ووٽنگ 15 ڊسمبر تائين جاري رهندي. هن چيو ته چونڊن ۾ ڪنهن به قسم جي ڌانڌلي جو هڪ سيڪڙو به امڪان ناهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں