شڪارپور (رپورٽ: عمران قريشي) شڪارپور ۾ قدرتي آيل آفت بعد ڳوٺن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ۽ بدامني خلاف آبادگار اڳواڻن پاران ڳڙهي ياسين پريس ڪلب آڏو احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو احتجاج ڪندڙ اڳواڻن ارسلاح خان سيلرو ۽ ٻين جو چوڻ ھو ته ڳڙھي ياسين ۾ بدامني تمام گهڻي وڌي وئي آهي روزاني بنيادن تي موٽرسائيڪليون ڦرون ڪيون پيون وڃن شهري غير محفوظ رهن ٿا پر پوليس ڪو به تحرڪ نه پئي وٺي هنن چيو ته ايس ايس پي شڪارپور شيراز نظير ڪلهوڙو کي ٻن هفتن جي مهلت ڏيون ٿا ته ڦر ٿي ويل موٽرسائيڪلون واپس ڪرائي امن ڪرائي ڏنو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاجن دائرو وسيع ڪيو ويندو. هوڏانهن قدرتي آيل آفت بعد هيل تائين زمينن ۾ پاڻي بيٺل آهي فصل تباهه ٿي ويا آهن. ڊي سي شڪارپور مسحقن کي راشن ڏيڻ ۾ به ناڪام ٿي چڪو آهي هنن چيو ته ڊي سي شڪارپور ابرار جعفر پنهنجي آفيس ۾ ويهي شهنشاهي وارا حڪم صرف هلائي ٿو پر ڪنهن به متاثرن وٽ ڊي سي راشن يا ٽينٽ به ناهن ڏنا ۽ آبادگار زميندارن لاء ٻج يا ٻيون سهولتون به ناهن ڏنيون جنهن ڪري مجبور ٿي ڊي سي شڪارپور ۽ ايس ايس پي خلاف روڊ رستن تي نڪري سراپا احتجاج ڀڻيا آهيون هنن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو اڌي فريال ٽالپر ۽ آء جي سنڌ کان مطالبو ڪيو آهي ته ڊي سي شڪارپور خلاف راشن جي مد ۾ ٿيل ڪرپشن خلاف انڪوائري ڪرائي ۽ ڳڙھي ياسين ۾ بدامني جو نوٽيس وٺي شهر ۾ امن ڪرائي ڏنو وڃي.
