عمران جي ڌمڪي ۽ رياستي طاقت

رياض ابڙو
ملڪ جي مڙئي سياست به ٻڌون پر عمران خان عوام کي ڪجھ گھڻو اموشنل بليڪ ميل ٿو ڪري ۽ عوام هن جي بليڪ ميلنگ ۾ اچي ٿو وڃي مثال ائين به ناهي ته ٻيون پارٽيون سياست نه ٿيون پر هن شخص ۾ اها ڳالھ آ ته هي ڳالھ چئي وري پنهنجي بيان تان ڦري ٿو وڃي يا هڪ ڏينهن چئي ٿو (جيڪي آڊيو ليڪ ظاهر ٿيون اٿس) ته آمريڪا سان ڪا دشمني ناهي وري آڊيو ليڪ ظاهر ٿي ٿئي ته اسان اڃان ان خط واري معاملي تي سياسي راند کيڏنداسين، هڪ ڏينهن ٿو چئي ته ڀارت سان ڪا دشمني ناهي وري پاڻ ان ڳالھ جي ترديد ٿو ڪري، هڪ ڏينهن چئي ٿو ته آرمي چيف ڪڏهن به زرداري ۽ نوازليگ جي مرضيءَ جو نه هوندو وري ٻئي ڏينهن ٿو چئي ته ان آرمي چيف کي ايڪسٽينشن نه ڏيو، ڇو ته ان ڳالھ جو ٽينشن عمران خان کي جيئڻ نه ڏيندو ڇو ته عمران خان پاڻ وزيراعظم هائوس مان ڌڪا کائي نڪتو هيو ۽ ڪنهن به پارٽي يا ڪنهن به اداري سان يا ڪنهن به عسڪري شخص سان رهائي نه اٿائين، ان ڪري هاڻي رڳو عوام جي آڏو اچڻ ۾ هن کي عافيت آ، پر جن کي هي چورچور ڪري پاڻ چور ثابت ٿيو اهي ته هاڻي عدالتن مان سرخرو پيا ٿين، ڪاڏي وئي مني لانڊرنگ، ڪاڏي وئي کنڊ واري ڪرپشن، ڪاڏي وئي رمضان شگرمل، ڪاڏي ويو ايون فيلڊ وارو فليٽ، ڪاڏي ويا نيپوٽزم جا ڪيس، پر جي اهي سڀ جائز آهن ته پوءِ اهي قانون هنن پي ٽي آءِ جي دور ۾ ٻيا هيا يا هاڻي ٻيا آهن يا نيب، ايف آءِ اي ۽ عسڪري قوتون ۽ قانوني ادارا به سياسي ونگار ٿا وهن يا اهي به هر ان سياسي پارٽيءَ سان ٻڌل آهن جيڪي اقتدار ۾ هجن ٿا ان ڪري ڪيس انهن جا اٿلن جيڪي مخالف قوتون هجن ٿيون يا جيڪي سرڪاري شخص هجن ٿا اهي واري واري سان بَري ٿي ٿا وڃن، ان ڪري جيئن ماضيءَ ۾ پي ٽي آءِ جي سرڪار ۾ نيب جا قانون رڳو پي پي ۽ نون ليگ وارن جي لاءِ ڪات ڪهاڙا کڻي بيٺا هوندا هيا، اهي هاڻي وري چپ آهن يا انهن (پي ٽي آءِ) وارن پنهنجي سڄي دور ۾ هڪ ڪيس به ثابت نه ڪيو جنهن مان اهو سمجهي سگهجي هان ته نيب جا قانون سجايا آهن اجايا، يا هاڻي جڏهن اهي ئي ملزم (ان ڪري ته انهن نون ليگ يا پي پي جي سياستدانن تي اڃان سکڻا الزام آهن، ان ڪري اهي ملزم آهن جڏهن جرم ثابت ٿين يا فردِ جرم لڳن ته اهي مجرم ٿي سگهن ٿا) پر 90 جي ڏهاڪي کان وٺي اها اک ٻوٽ ۽ جيل جي اندر ٻاهر وري ڳالھ کٽي نه ٿي ۽ سياست وڃي ٿي بدنام ٿيندي ۽ ٿئي ڪجھ نه ٿو ان ڪري عمران خان سان ڪڏهن به پي پي وارن نه اُچائي ۽ يا ڪڏهن نون ليگ انهن جي ڪنهن به اڳواڻ يا رڪن کي بي سبب جيل نه موڪليو پر هن عمران خان اچڻ سان ئي اهڙي سياست شروع ڪئي جنهن جو مثال وري تاريخ ۾ نه ملي سگهندو ان ڪري ته ”ڪاڏهون جي جهارِ ۽ ڪاڏهون جي جهرڪي“ پر هن شخص ته نه ڪئي هَمَ نه تَمَ وٺي پنهنجي ٻَل تي سياست ڪرڻ شروع ڪيائين ۽ هُشيءَ تي هلي پيو، پر جي انهن شين کي يا انهن الزامن کي پختو ڪري پيش ڪري هان ته سياست ڀلي ڪري وڃي هان، پر هن کي نه رياست سمجھ ۾ نه آئي نه ئي سياست، يا هن ساڳي ڳالھ ڪئي ته ماڻهو ڪنهن دهريي کان دين سکن يا ڪميونسٽ کان ڪلما سکن يا عمران خان کان سياست سکن يا ان جي طرز جي سياست ڪن.
آرمي چيف ستن هفتن ۾ رٽاير ٿي ويندو، ان جي جاءِ تي وزيراعظم جي صوابديد سان نئون آرمي چيف اچي به ويندو (سليڪشن ته ڪري ڇڏي اٿن) پر ايتري مخالفت ڪرڻ مان عمران خان جي سياست کي ڇا مليو يا هن ڪهڙي هَڙَحاصل ڪئي جنهن مان هن جي سياسي ليگسي بچي سگهي هان، ان ڪري ته هي ساڳو ئي آرمي چيف هيو جنهن کي هن نومبر 2019 ۾ ٽن سالن جي ايڪسٽيشن ڏني هئي ته جيئن هي پنهنجي ڪرسي بچائي سگهي يا هي جي ائين نه ڪري هان ته هن جي پنهنجي ڪرسي خطري ۾ هجي هان، پر اهي ئي شخص عمران خان کي وڏو سيبتو ڪري کڻي آيا هيا ته ملڪ کي ڪرپشن کان پاڪ ڪندو، ملڪ ۾ انصاف جي بلي بلي ٿيندي ان ڪري هن جي پارٽي پاڻ تحريڪِ انصاف آ ۽ عام ماڻهن سان زندگي جي سڀني سهولتن ۽ آسائشن ۾ انصاف ٿيندو پر هن اچڻ سان ئي اهو ثابت ڪيو ته هي وڏو ناانصافي ڪرڻ وارن مان آ، هي رڳو ڪي پي جو وزيراعلي آهي ۽ باقي جيڪا سگھ بچندس اها پنجاب جي منصوبن جي هڻندو، ۽ سنڌ بلوچستان جو واهي الله آ، ان ڪري هن صحت ڪارڊ، لائيف انشورنس، بي آر ٽي بس پروجيڪٽ، آءِ ٽي پروجيڪٽ، بلدياتي ترقياتي پروجيڪٽ ۽ نوجوان روزگار پروگرام رڳو شروع ئي پنجاب ۽ ڪي پي ۾ ڪيا، باقي سنڌ ۽ بلوچستان لاءِ ڪجھ به نه يا 27 آگسٽ 2020 تي اربن فلڊ اچڻ جي صورت ۾ هن کي رڳو ڪراچي ياد رهي جنهن جي لاءِ اهي ئي ڪوڙا 1300 ارب ڏئي هليو ويو جيڪي اڃان تائين ناهن مليا، يا هن اها به ڳالھ ڪئي ته سنڌ اسان جو صوبو ناهي پر سنڌ جا ڪوسٽل ايريا هن جا هيا جو رات پيٽ ۾ 33بلن سان گڏ صدر جي صوابديد سان صدارتي نوٽيفڪيشن ڪڍرائي پنهنجي مرضي سان قبضو ڪرائڻ پيو گهري، يا اين ايف سي ايوارڊ جا پئيسا هڙپ ڪرڻ ۾ لڳو پيو هيو، يا ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ جو زور جيترو هن جي دور ۾ هيو اوترو شايد ڪنهن ٻي حڪومت ۾ به هيو پر پوءِ به هي صادق امين ۽ هن جا سڀ وزير خليفا ۽ هي تحريڪ انصاف جو باني، هاڻي اهڙيون ڪوڙين دعوائون ڪير مڃي.
ملڪ کي ڊي اسٽيبلائيز ٿيڻ نه ڏيندا، سوال ڏاڍو ڳنڀير آ، پر هونءَ ڏسجي ته ملڪ جا لاجيڪل ٽڪرا ئي آهن جن ۾ سڀ پارٽيون پنهنجي زور ۽ مرضيءَ جي حڪومت پيون ڪن، جيئن ڪي پي ۾ جيڪي به سياسي پارٽيون آهن اهي لاڙڪاڻي يا سکر مان ووٽ کڻي نه سگهنديون يا جيڪي بلوچستان ۾ سرگردان پارٽيون آهن اهي پنجاب ۾ پنهنجي دال نه ڳاري سگهنديون يا جيڪي پارٽيون هڪڙي صوبي ۾ حيثيت يا زور واريون آهن اهي ٻئي صوبي ۾ ناهن (يا عسڪري هيليڪاپٽرن جي نشاني کي ذڪر ۾ نه ٿو آڻي سگهجي) پر ڳالھ ته ان احساس ڪمتري جي ۽ سياسي اڳواڻي جي آ جيڪي اڳواڻ پاڻ هٿ وٺي صوبن اندر احساس محرومي ڦهلائيندا ٿا وتن، ان ڪري هاڻي اهو چوڻ روا ناهي ته ملڪ کي ڊي اسٽيبلائيز ٿيڻ نه ڏينداسين ڳالھ آهي ته ڳوري پر فلسفو آسان ان ڪري به آهي هڪ صوبي جي معدني وسيلن تي ٻيو صوبو ترقي يافتا ٿو سڏرائي يا هڪ صوبو ٻين صوبن جي ٽيڪس تي آسائشن ۾ آ ته پوءِ اهي سياستدان ته پاڻ ويٺا ٿا ويڇا وڌائن ۽ انهن جي نظر ۾ رڳو انهن جي ڪرسي بچي رهي باقي عوام ۽ صوبا جيئن وڻين تيئن ڪن.
هاڻي وري ”62 ون ايف“ به ڪارو قانون آ ان ڪري ڪڏهن لڳندو آ ته قانون به عمران خان جو پاسو وهي ٿو وڃي ان ڪري 12 مارچ واري اسيمبلي واري عمل ۽ اسپيڪرن جي داد ۽ من مانيءَ کي ڪنهن به لغام نه وڌو ۽ هو پنهنجي هلائي ويا، ڀلا جي اهو قانون به ڪارو آ ته نوازشريف ڪهڙي قانون تحت سزا کائي ويو، جي قانون جي نظر ۾ اڳيان فيصلا يا قانون به ڪارا آهن يا ڀٽي صاحب جي ڦاهي به قانون جي وڏي چڪ هئي يا ان کانپوءِ جيڪي به غلطيون ايوب جي دور ۾ ٿيون، ضياءَ جي دور ۾ ٿيون يا مشرف پنهنجا قانون هلايا ته ان ٽائيم تي قانون هلائڻ وارا پوءِ ڪهڙي زمري ۾ ايندا يا هاڻي جي مهل آئي ته ڪورٽون فارين فنڊنگ جي ڪيسن جا محفوظ فيصلا ٻڌائن ته قانون ڪارا ٿي ٿا وڃن يا هاڻي جي ڪورٽن ۾ اهي فيصلا محفوظ لڳا پيا آهن ته هاڻي قانون ڪارا ڇو ٿا ٿين يا توشاخان جو ڪيس ۽ ان جو فيصلو به محفوظ پيو جيڪو ڪنهن مناسب ٽائيم تي ٻڌائي ڄڻ ڪو بم ڦاڙيندا يا هي اها ئي چال ٿا هلن جيڪي ايم ڪيو ايم ختم ڪرڻ يا انهن جي اثر گهٽائڻ وقت هلائي هين (پر ڪراچي جي نسلي فصادن ۽ لساني اثر گھٽائڻ ۽ امن ڪرائڻ مان مراد اها به هئي ته ڪراچي شهر سميت سڄو ڪوسٽل ايريا هاڻي مڪمل طور تي بين القوامي قوتن جي هٿ ۾ ڏيڻ وارا آهن بهرحال) ساڳي ڪار عمران جي سياست سان ڪرڻ وارا آهن ان ڪري ته هن سان ڪو به ادار ٺهيل ناهي يا ڪو به عسڪري شخص کيس پسند نه ٿو ڪري، ڪا سياسي پارٽي هن کي ڳالهين جي ٽيبل تي ويهارڻ لاءِ تيار ناهي ان ڪري هي خط وري ضد تان لهي ئي نه ٿو، هي هڪ گھڙي آمريڪا کي بدشد ڳالهائي وري جڏهن ازدها اسٽيج تان لهي ٿو اچي ته ان ڳالھ تان به لهي ٿو وڃي، ان ڪري سياست ۾ هن وٽ استقامت نالي ڪا شيءِ ناهي يا عوام جي آوڏ جڏهن اسٽيج تي بيهي ٿو ته هي بين الاقوامي طاقتن کي به للڪاي ٿو ويهي وري جڏهن هوش اچيس ٿو آڊيو ليڪ ٿي ٿيون وڃنس هاڻي ان جي ڪهڙي ڳالھ تي اعتبار ڪيون ته هن کي ڪو لايئف ٿريٽ به آهن ان ڪري سياست ۾ شخص اعتبار به ڪا شيءِ ٿيندو آ جيڪو هن شخص ۾ قطعن ناهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں