ملير(ڊ.ر) بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عمران جي ناقص پاليسن سبب اسان جي خارجه پاليسي جو نقصان ٿيو معشيت تباهه ٿي وئي عوام مهنگائي سبب پريشان آهي اسان ملير ڪراچي جي خدمت سان گڏو گڏ پاڪستان جي عوام جي خدمت ڪنداسين ملير ثابت ڪيو آهي ته هو ڪلهه به پيپلز پارٽي سان گڏ آهي، اهڙو خطاب هن ملير مان چونڊيل ايم اين اي عبدالحڪيم بلوچ کي مبارڪباد ڏيڻ بعد جلسي عام کي خطاب ڪندي ڪيو، هن وڌيڪ چيو ته سڄي پاڪستان مان عمران نيازي کي ملير ۾ تاريخي شڪست ٿئي آهي عمران ڪوڙو ۽ منافق ماڻهو آهي، بلاول ڀٽو چيو ته عمران جڏهن اليڪشن وڙهي پيو تڏهن ٽي ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ جو ڪوڙو واعدو ڪيو هو هن ملير ۾ قائم اسٽيل مل مان هزارين ماڻهن کي بيروزگار ڪيو ۽ غريب ماڻهن کان انهن جي ڇت کسي،هن چيو ته هوءِ وري اقتدار ۾ اچڻ لاءِ سليڪشن وارن وٽ چڪر ڏئي رهيو آهي پر پاڪستان جي عوام هر قسم جي حربي کي سمجهي چڪا آهن ۽ سندس خواب کي پورو ٿيڻ نه ڏيندا، عمران هيئنر تسليم ڪري ٿو ته هن وٽ ڪو اختيار نه هو هن چيو ته ڪوڙو ماڻهو هر هڪ تي بهتان بازي ڪندو آهي، هن چيو ته عمران حڪومت جي دور ٽرانسپيرنٽ رپورٽ ۾ ظاهر ڪيو ته عمران جي دور ۾ وڏي ڪرپشن ٿي آهي ايستائين جو هو عوام جي زڪوات جا پئسا به هضم ڪيا هن چيو ته تبديلي جي نعري ۾ تباهي ٿي عمران جي سياست نفرت جي سياست آهي پي پي جي سياست محبت جي آهي هن چيو ته ايندڙ وقت ثابت ڪندو ته پاڪستان جا نوجوان عمران خان کي هميشا لاءِ رٽائرڊ ڪندا هن چيو ته هن چيو ته سنڌ ۾ آيل سيلاب دنيا جو بدترين هو سيلاب متاثرين جي بحالي لاٰءِ سنڌ حڪومت تمام وڏو ڪم ڪيو آهي هن چيو ته عمران پاڪستان جي سيلاب متاثرين جي ڪابه مدد نه ڪئي هو فقط پنهنجي سياست چمڪائي رهيو هو مان ملير جي جيالن جو شڪر گذار آهيان جنهن بائي اليڪشن ۾ پيپلز پارٽي جو ساٿ ڏئي نيازي کي تاريخي شڪست ڏني، عمران کي گهرجي ته بني گالا ۾ مزا وٺي ۽ ملڪ جي پچر ڇڏي هن چيو ته ملير نوجوان، عورتون مونسان واعدو ڪن ته جيئمن هو شهيد بينظير سان گڏ هئا ۽ مونسان به گڏ بيهن ته دنيا جي ڪابه طاقت اسان کي پنهنجي مقصد کان نه هٽائي سگهن ، هن اعلان ڪيو ته ملير ۾ ميڊيڪل ڪاليج انجيئنرگ ڪيمپس، ذريعي يونيورسٽي جي ڪيمپس سميت ملير جي نوجوان کي تعليم جي ميدان ۾ گهربل سهولتون ترت مهيا ڪيون وينديون انهن جي روزگار جو بندوبست اسان جي زميواري ۾ شامل آهي، گڏاپ ڪيڊٽ ڪاليج جو نالو بحال ڪري مقامي شاگردن کي داخلائون ڏنيون وينديون ملير جي گرين بيلٽ جي بحالي ۽ سندن زمينن جي ليز وارو مسئلو اوليت جي بنياد تي حل ڪنداسين، ان کان اڳ ملير مان چونڊيل ايم اين اي عبدالحڪيم بلوچ پنهنجي خطاب ۾ چيو ته بينظير ميڊيڪل ڪامپليڪس کي مڪمل ڪري ان کي ميڊيڪل ڪاليج جو درجو ڏنو وڃي ملير جي گرين بيلٽ کي بچايو وڃي ملير ۾ انجئينرنگ ڪاليج اين اي ڊي جو ڪيمپس قائم ڪيو وڃي، ڪراچي شهر جيان ڪراچي رورل ايريا کي اربن سٽي جو درجو ڏنو وڃي، مقامي ڪاشتڪارن کي مليل زمين جي ليز انهن جي شناخت بعد 35 سالن لاءِ وڌائي وڃي، ملير ۾ 200 ايڪڙ تي قبرستان لاءِ جڳهه مخصوص ڪئي وڃي، گڏاپ ڪيڊٽ ڪاليج جو نالو تبديل ڪري ڪراچي ڪيڊٽ ڪاليج رکيو ويو گڏاپ جو نالو بحال ڪري مقامي شاگردن جي داخلا کي يقيني بڻايو وڃي،بلاول سان گڏ آصفه ڀٽو، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاه، صوبائي وزير سعيد غني، ساجد جوکيو، ايم پي اي يوسف مرتضي بلوچ، سليم بلوچ، ايم پي اي محمود عالم ڄاموٽ، شاهينه شير علي، پيپلز پارٽي ضلعي صدر سلمان عبدالله مراد، نذير ڀٽو، امداد جوکيو، مرتضي يار محمد، داد ڪريم بلوچ، ضلع ڪائونسل ڪراچي ايڊمنسٽريٽر نور حسن جوکيو ۽ ٻيا موجود هئا، بلاول ڀٽو زرداري جو ملير 15، ميمڻ ڳوٺ، اولڊ ٿاڻو ۾ پ پ پ جي ڪارڪنن شاندار استقبال ڪندي مٿس گلن جي ورکا ڪئي.
