ملڪ جي ڪنهن به وزارت ۾ آڊيٽر مقرر ٿيل ناهي، پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ۾ انڪشاف

اسلام آباد ( بيورو ) پارليامنٽ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ( پي اي سي ) اجلاس ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته ملڪ جي ڪنهن به وزارت ۾ آڊيٽر مقرر ناهي، چاليهه وزارتن مان رڳو 16 ۾ چيف فنانشل آفيسر موجود آهن. پارليامنٽ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين نور عالم خان جي صدارت هيٺ ٿيو جنهن ۾ لاڳاپيل اختيارين بريفنگ ڏني. بريفنگ ۾ ڪميٽي کي ٻڌايو ته ملڪ ڪنهن به وزارت ۾ آڊيٽر مقرر نه آهي، چاليهه وزارتن مان رڳو 16 ۾ چيف فنانشل آفيسر موجود آهن. پي اي سي آڊيٽرز جي فوري مقرري، سمورن وزارتن ۽ کاتن ۾ انٽرنل آڊٽ سميت سمورا رڪارڊ آڊيٽر جنرل کي فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. اجلاس دوران ڪميٽي چيئرمين ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيوته سمورين وزارتن جي آڊٽ جو ڪم لٿل آهي. ڪميٽي اجلاس ۾ اهو پڻ انڪشاف ٿيو ته ايف بي آر فيلڊ آفيسز اٽڪل ست هزار ڪيسن ۾ ويليو ايڊيشن ٽئڪس وصول ناهي ڪيو جنهن سان قومي ناڻي کي ٻه ارب ڇاونجاهه ڪروڙ رُپين جو نقصان ٿيو، درآمدي ۽ ضبط ٿيل شين جي ٽئڪس وصولي بنا ڪليئرنس ڪئي وئي. نور عالم خان چيو ته ملوث آفيسرن جا نالا سامهون آڻڻ گهرجن ته جيئن سندن ترقي نه ٿي سگهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں