موهن جو دڙو ڀرسان هينڊس پاران مفت طبي ڪيمپ لڳائي وئي

موهن جو دڙو(ن س)موهن جو دڙو ڀرسان ڳوٺ امام بخش ملاح ۾ سماجي تنظيم هينڊس پاران ٻوڏ ۽ برسات متاثرن جي مفت علاج لاءِ طبي ڪيمپ لڳائي وئي،طبي ڪيمپ ۾ ڳوٺ سميت ڀرپاسي جي علائقن مان وڏي انگ ۾ عورتن ۽ بارڙن سميت مريض پهتا،جن جو مفت معائنو ڪرڻ کانپوءِ مفت دوائون ڏنيون ويون،ان موقعي تي هينڊز اڳواڻ مقصوده ڪلهوڙو، ڊاڪٽر امام الله وڳڻ،ڊاڪٽر ذوالفقار راهوجو ۽ ڊاڪٽر شاهجهان چنا جو چوڻ هو ته ڪيمپ ۾ گهڻا مريض گيسٽرو ۽ مليريا جا آيا،جن جو معائنو ڪري کين دوائون ڏنيون ويون،سندن چوڻ هو ته هو عالمي ادارن ۽ سنڌ حڪومت جي سهڪار سان مختلف علائقن ۾ مفت طبي ڪيمپون لڳائي رهيا آهن،ڪيمپ جي نگراني ۽ انتظام ڪندڙ ڪائونسلر هادي بخش ابڙو،جمال الدين ڏهيسر پيزرادو،انيس الرحمان پيرزادو ۽ ٻين جو چو ڻ هو ته برسات کانپوءِ علائقي ۾ موذي مرض پکڙجي ويا آهن،جنهن ڪري متاثرن کي مفت علاج جون سهولتون ڏيارڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون ۽ هي ڪيمپ به ان سلسلي جي ڪڙي آهي،ٻين علائقن ۾ به اهڙيون مفت ڪيمپن لڳايون وينديون.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں